Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 31:14 - Sindhi Bible

14 ۽ موسيٰ لشڪرن جي عملدارن تي، يعني جيڪي هزارن جا سردار ۽ سون جا سردار هئا، ۽ جنگ تان آيا هئا تن تي ڪاوڙيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 موسيٰ لشڪر جي سالارن يعني هزارن ۽ سون جي سالارن تي، جيڪي جنگ تان موٽيا هئا، غصي ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 31:14
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود انهن ماڻهن جو شمار ڪيو جي ساڻس هئا، ۽ هزارن جا، ۽ سوَن جا سردار انهن تي مقرر ڪيائين.


۽ هن چيس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جنهن ماڻهوءَ کي مون مارجڻ لاءِ ٺهرايو هو، تنهن کي تو پنهنجن هٿن مان ڇڏي ڏنو، تنهنڪري تنهنجي حياتي هن جي حياتيءَ جي عيوض ويندي، ۽ تنهنجي قوم هن جي قوم جي عيوض.


۽ خدا جو مرد هن تي ڪاوڙيو ۽ چوڻ لڳو تہ توکي پنج يا ڇهہ ڀيرا ڌڪ هڻڻ گهربو هو؛ پوءِ جيڪر ارام کي اهڙي شڪست ڏين ها، جو اُنهيءَ کي چٽ ڪري ڇڏين ها: پر هاڻي تون ارام کي رڳو ٽي ڀيرا شڪست ڏيندين.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو منزلگاهہ جي ويجهو آيو تڏهن گابو ۽ ناچ ڏٺائين: تنهن تي موسيٰ کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ سندس هٿ ۾ جيڪي تختيون هيون، سي کڻي اُڇلايائين، ۽ جبل جي تري وٽ ڀڃي ڇڏيائين.


تڏهن هارون موسيٰ کي چيو تہ منهنجي مالڪ جي ڪاوڙ مون تي ڀڙڪو نہ کائي، تون هنن کان واقف آهين تہ هنن جو لاڙو بڇڙائي ڏانهن آهي.


پوءِ موسيٰ گناهہ جي قربانيءَ واري ٻڪر جي گهڻي پڇا ڪئي، ۽ ڏٺائين تہ اُهو اڳيئي سڙي ويو آهي: تنهنڪري هارون جا پٽ اليعزر ۽ اتمر، جي باقي بچيا هئا، تن تي هو ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ چيائين، تہ


هاڻي سڄي زمين تي جيڪي ماڻهو هئا، تن سڀني کان موسيٰ تمام حليم هو.


تڏهن موسيٰ، ۽ اليعزر ڪاهن، ۽ جماعت جا سڀ سردار، هنن جي استقبال لاءِ منزل گاهہ کان ٻاهر آيا.


۽ موسيٰ انهن کي چيو، تہ ڇا اوهان سڀني زالن کي جيئرو ڇڏيو آهي؟


پوءِ لشڪر جا عملدار، جيڪي هزارن جا سردار ۽ سوَن جا سردار هئا، سي موسيٰ وٽ آيا.


ڪاوڙ تہ ڪريو، پر گناهہ نہ ڪريو: ائين نہ ٿئي جو سج لهڻ تائين بہ ڪاوڙيل هجو:


۽ هو انهن کي پنهنجي لاءِ هزارن جو عملدار، ۽ پنجاهن جو عملدار مقرر ڪندو: ۽ ڪن کي هو پنهنجي زمين کيڙڻ لاءِ، ۽ پنهنجي فصل لڻڻ لاءِ، ۽ جنگ جي هٿيارن جوڙڻ لاءِ، ۽ پنهنجين گاڏين جي اوزارن جوڙڻ لاءِ رکندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ