Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 31:13 - Sindhi Bible

13 تڏهن موسيٰ، ۽ اليعزر ڪاهن، ۽ جماعت جا سڀ سردار، هنن جي استقبال لاءِ منزل گاهہ کان ٻاهر آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 تڏهن موسيٰ، اليعزر ڪاهن ۽ سمورا اڳواڻ خيمي‌گاهہ کان ٻاهر هنن جو استقبال ڪرڻ لاءِ نڪري آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 31:13
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن هو ڪدرلاعمر ۽ ٻيا جيڪي بادشاهہ ساڻس هئا، تن کي ماري موٽيو، تڏهن صدوم جو بادشاهہ، سويءَ جي ماٿريءَ، يعني بادشاهي ماٿريءَ تائين، سندس استقبال لاءِ آيو.


جڏهن ڪو حاڪم ڀل مان گناهہ ڪري، ۽ جن ڪمن جي ڪرڻ جي خداوند سندس خدا کيس منع ڪئي آهي، تن مان ڪو ڪم ڪري ڏوهاري ٿيو هجي؛


جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ جي لاشي کي ڇهندو، سو ست ڏينهن ناپاڪ رهندو:


۽ هو اهي قيدي، ۽ لٽ جو سمورو مال، موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن ۽ ساريءَ جماعت وٽ، موآب جي ميدان ۾ يريحو جي سامهون يردن جي ڪناري تي کڻي آيا.


۽ موسيٰ لشڪرن جي عملدارن تي، يعني جيڪي هزارن جا سردار ۽ سون جا سردار هئا، ۽ جنگ تان آيا هئا تن تي ڪاوڙيو.


بني اسرائيل کي حڪم ڏي تہ اهي هر ڪنهن ڪوڙهيي کي، ۽ هر ڪنهن پرميل جي مرض واري کي، ۽ جيڪو مردي جي ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، تنهن کي منزلگاهہ کان ٻاهر ڪڍن.


۽ سموئيل سوير اُٿيو تہ صبح جو سائول کي گڏجي؛ ۽ سموئيل کي خبر ملي تہ سائول ڪرمل ۾ آيو آهي، ۽ هن پنهنجي لاءِ هڪڙو يادگار کڙو ڪيو آهي، ۽ گشت ڪري جلجال ڏانهن لنگهي ويو آهي.


۽ دائود اُنهن ٻن سوَن ماڻهن وٽ آيو، جي گهڻي ٿَڪ جي ڪري دائود جي پٺيان اچي نہ سگهيا هئا، ۽ جن کي هو بسور جي نهر وٽ ڇڏي ويا هئا: ۽ اُهي دائود جي استقبال لاءِ ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن سان گڏجڻ لاءِ نڪري اڳي آيا: ۽ جڏهن دائود انهن ماڻهن کي ويجهو آيو، تڏهن انهن کي سلام ڪري حال احوال پڇيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ