۽ انهن شهرن جو سڀ لٽ جو مال، ۽ چوپايو مال، بني اسرائيل غنيمت ڄاڻي پنهنجي لاءِ رکيو؛ پر سڀ ماڻهو هنن ترار جي ڌار سان قتل ڪري ڇڏيا، ۽ انهن کي اهڙو ناس ڪيائون جو هڪڙو بہ جيئرو نہ ڇڏيائون.
۽ تون عئي ۽ ان جي بادشاهہ سان بہ ائين ڪج جيئن يريحو، ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو هوءِ: رڳو انهي جي لٽ جو مال، ۽ چوپايو مال پنهنجي لاءِ غنيمت ڄاڻي وٺجو: ۽ شهر جي قبضي لاءِ انهيءَ جي پٺيان لڪي ويهي رهجو.