Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 30:8 - Sindhi Bible

8 پر جيڪڏهن سندس مڙس جنهن ڏينهن اهو ٻڌي، انهي ڏينهن کيس منع ڪري؛ تہ هن ڄڻ تہ پنهنجيءَ زال جون مڃتائون ۽ خاص فرض، جن لاءِ هن تڪڙ ڪري پاڻ کي ٻڌل رکيو هو، سي رد ڪري ڇڏيا: ۽ خداوند هن کي معافي ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پر جيڪڏهن سندس مڙس اهو ٻڌي ۽ انهيءَ کي رد ڪري، تہ پوءِ هوءَ تڪڙ ۾ باسيل پنهنجي باس يا خاص فرض پورو نہ ڪري. خداوند کيس ڇڏي ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 30:8
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن زال کي چيو تہ آءٌ تنهنجي ويم جي سورن کي گهڻو وڌائيندس؛ سورن سان تون ٻار ڄڻيندينءَ؛ ۽ پنهنجي مڙس ڏانهن تنهنجو چاهہ ٿيندو، ۽ هو تو تي حڪم هلائيندو.


۽ جڏهن اسان آسمان جي راڻي لاءِ لوبان ساڙيو ۽ ان جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون هاريون تڏهن ڪو اسان پنهنجن مڙسن کان سواءِ اُن جي عبادت ڪرڻ لاءِ، اُن جي واسطي لولا پچايا، ۽ پيئڻ جون قربانيون هاريون ڇا؟


يا جيڪڏهن ڪو تڪڙ ڪري ڪا نيڪي يا بدي ڪرڻ لاءِ پنهنجن چپن سان قسم کڻي، پوءِ اهو ڪجهہ بہ هجي، جنهن لاءِ ڪو ماڻهو تڪڙ ۾ قسم کڻي، ۽ انهي جي خبر نہ هجيس؛ پوءِ جڏهن انهي جي خبر پونديس، تڏهن هو اُنهن مان هڪڙيءَ ڳالهہ جو ڏوهاري ٿيندو:


پر جيڪڏهن سندس پيءُ جنهن ڏينهن اهو ٻڌي، انهي ڏينهن کيس منع ڪري؛ تہ پوءِ هن جي ڪابہ مڃتا، يا ڪو خاص فرض، جنهن لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هجي، سو قائم نہ رهندو: ۽ خداوند هن کي معافي ڏيندو، ڇالاءِ جو هن جي پيءُ کيس موڪل نہ ڏني.


۽ سندس مڙس جنهن ڏينهن اهي ٻڌي، انهي ڏينهن ماٺ ۾ رهي ۽ ڪي بہ نہ چويس: تہ هن جون مڃتائون ۽ خاص فرض، جن لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هوندو، سي سڀ قائم رهندا.


پر ڪنهن بيوہ زال ۽ طلاق مليل زال جي مڃتا، يا خاص فرض، جنهن لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هوندو، سي قائم رهندا.


زالن کي جماعت ۾ ماٺ ڪري ويهڻ کپي، ڇالاءِ جو هنن کي ڳالهائڻ جي اجازت ڪانهي، پر کين تابعدار رهڻ کپي، جيئن شريعت ۾ بہ فرمايل آهي.


زال پنهنجي بدن جي مختيار نہ آهي، پر سندس مڙس؛ ۽ ساڳيءَ طرح مڙس بہ پنهنجي بدن جو مختيار نہ آهي، پر سندس زال.


۽ سندس مڙس القانہ چيس تہ جيئن توکي مناسب نظر اچي تيئن ڪر؛ ڀلي تيستائين ترس جيستائين تون هن جو کير نہ ڇڏائين؛ رڳو خداوند پنهنجو سخن سچو ڪري. انهي طرح اُها زال ترسي پيئي ۽ پنهنجي پٽ کي کير پياريندي رهي، جيسين ڪ انهي جو کير نہ ڇڏايائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ