Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 30:3 - Sindhi Bible

3 ۽ جيڪڏهن ڪا زال خداوند جي حضور ۾ ڪا مڃتا مڃي، ۽ ننڍيءَ وهيءَ ۾ پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ رهندي، ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 جڏهن ڪا ڪنواري ڇوڪري پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ رهندي خداوند آڏو ڪا باس يا ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکڻ جو عهد ڪري

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 30:3
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو نبوڪدنضر کان بہ باغي ٿيو، جنهن کيس خدا جو قسم کڻايو هو: پر هن خداوند اسرائيل جي خدا ڏانهن منهن ڪرڻ کان پنهنجي گردن سخت ڪئي، ۽ پنهنجي دل ڏاڍي ڪئي.


خدا جي حضور ۾ شڪرگذاريءَ جون قربانيون چاڙهہ؛ ۽ خدا تعاليٰ جي اڳيان پنهنجون مڃتائون پوريون ڪر.


تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ جڏهن ڪو ماڻهو خاص مڃت مڃي ۽ ڪنهن کي بہ خداوند جي لاءِ مخصوص ڪرڻ چاهي، تڏهن اُهي ماڻهو خداوند جا ٿيندا.


تہ جڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ ڪا مڃتا مڃي يا قسم کڻي، ۽ ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکي، تہ پوءِ هو پنهنجو ڪيل قول نہ ڀڃي؛ پر جيڪي سندن واتان نڪتو هجي، انهي موجب سڀ ڪجهہ پورو ڪري.


۽ سندس پيءُ انهيءَ مڃتا يا خاص فرض جنهن جي ادا ڪرڻ لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هجي، سو ٻڌي ماٺ ۾ رهي، ۽ ڪي بہ نہ چويس، تہ هن جون سڀ مڃتائون يا خاص فرض قائم رهندا.


بني اسرائيل کي چئُہ تہ جڏهن ڪو مرد يا ڪا زال ڪا خاص مڃتا مڃي، ۽ خداوند جي لاءِ نذير ٿيڻ واسطي ڇِلي ۾ ويهي:


زالن کي جماعت ۾ ماٺ ڪري ويهڻ کپي، ڇالاءِ جو هنن کي ڳالهائڻ جي اجازت ڪانهي، پر کين تابعدار رهڻ کپي، جيئن شريعت ۾ بہ فرمايل آهي.


۽ بني اسرائيل انهن کي نہ ماريو، ڇالاءِ جو بني اسرائيل جي سردارن انهن سان خداوند اسرائيل جي خدا جو قسم کنيو هو، ۽ سڄي جماعت انهن سردارن جي شڪايت ڪرڻ لڳي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن انهي کي ڏٺو تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چيائين تہ هاءِ، اي منهنجي ڌيءَ! تو مون کي ڏاڍو ذليل ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ تون منهنجي تڪليف ڏيندڙن مان هڪڙي آهين: ڇالاءِ جو مون خداوند جي اڳيان پنهنجو وات پٽيو آهي، ۽ آءٌ انهي کان ڦري نٿو سگهان.


۽ مڃتا مڃيائين ۽ چيائين، تہ اي لشڪرن جا خداوند، جيڪڏهن تون سچ پچ پنهنجي ٻانهيءَ جي مصيبت تي نظر ڪندين، ۽ مون کي ياد ڪندين، ۽ پنهنجي ٻانهيءَ کي وساري نہ ڇڏيندين، پر پنهنجي ٻانهيءَ کي هڪڙو پٽ ڏيندين، تہ انهي کي آءٌ سندس ساري ڄمار تائين خداوند جي لاءِ نذر ڪنديس، ۽ انهي جي مٿي تي اصل پاڪي نہ گهمندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ