Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 30:15 - Sindhi Bible

15 پر اهي ٻڌي پوءِ جڏهن هو انهن کي رد ڪندو، تہ سندس زال جو گناهہ سندس سر تي ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 پر جيڪڏهن ٻڌڻ کان ڪجھہ ڏينهن پوءِ هو انهن کي رد ٿو ڪري، تہ پوءِ هو پنهنجيءَ زال جي باس يا خاص فرض پوري نہ ڪرڻ واري گناهہ جو ذميوار پاڻ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 30:15
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو شاهدي ڀرڻ وقت، جڏهن کيس قسم ڏنو وڃي، تڏهن جيڪي ٻڌو يا ڏٺو هجيس، سو نہ ٻڌائي، تہ هو گناهہ ٿو ڪري ۽ انهي جو ڏوهہ مٿس پوندو.


پر جيڪڏهن سندس مڙس جنهن ڏينهن اهو ٻڌي انهي ڏينهن اهي رد باطل ڪري ڇڏي؛ تہ پوءِ هن جي مڃتائن يا خاص فرض بابت جيڪي سندس واتان نڪتو هوندو، سو قائم نہ رهندو: ڇو تہ سندس مڙس اهي رد ڪري ڇڏيا آهن؛ ۽ خداوند هن کي معافي ڏيندو.


پر جيڪڏهن هن جو مڙس روز بہ روز ماٺ ۾ رهي ۽ ڪي بہ نہ چويس؛ تہ هن جون سڀ مڃتائون ۽ خاص فرض، جي مٿس آهن تن کي هو قائم ٿو ڪري: هن انهن کي قائم ڪيو آهي، ڇالاءِ تہ جنهن ڏينهن انهن جي خبر پيس، تنهن ڏينهن کيس ڪجهہ بہ ڪين چيائين.


هي آهن اُهي قانون، جي پيءُ ۽ ڌيءَ جي وچ ۾، جڏهن هوءَ ننڍيءَ وهيءَ ۾ پيءُ جي گهر ۾ رهندي هجي، ۽ مڙس ۽ زال جي وچ ۾ عمل ۾ اچن؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


پر جيڪڏهن سندس پيءُ جنهن ڏينهن اهو ٻڌي، انهي ڏينهن کيس منع ڪري؛ تہ پوءِ هن جي ڪابہ مڃتا، يا ڪو خاص فرض، جنهن لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هجي، سو قائم نہ رهندو: ۽ خداوند هن کي معافي ڏيندو، ڇالاءِ جو هن جي پيءُ کيس موڪل نہ ڏني.


پر جيڪڏهن سندس مڙس جنهن ڏينهن اهو ٻڌي، انهي ڏينهن کيس منع ڪري؛ تہ هن ڄڻ تہ پنهنجيءَ زال جون مڃتائون ۽ خاص فرض، جن لاءِ هن تڪڙ ڪري پاڻ کي ٻڌل رکيو هو، سي رد ڪري ڇڏيا: ۽ خداوند هن کي معافي ڏيندو.


پوءِ نڪو يهودي رهيو نہ يوناني، نڪو غلام نہ آزاد، نڪو مرد نہ زال، ڇالاءِ جو اوهين سڀ مسيح يسوع ۾ هڪ آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ