Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 30:13 - Sindhi Bible

13 هن جي هر ڪنهن مڃتا کي، يا سندس روح جي رياضت واري هر ڪنهن فرض کي، سندس مڙس چاهي تہ قائم رکي، يا چاهي تہ رد ڪري ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 هن جي مڙس کي اهو حق حاصل آهي تہ چاهي تہ پنهنجي زال جي باسيل باس يا روح جي رياضت جي خاص فرض کي بحال رکي، چاهي تہ رد ڪري ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 30:13
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کانپوءِ، اهوا نديءَ وٽ مون روزو رکڻ جو اشتهار ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين پاڻ کي پنهنجي خدا جي اڳيان نماڻا ڪريون، ۽ انهيءَ کان پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجن ٻارن لاءِ، سنئون رستو گهرون، ۽ پنهنجي مال ملڪيت لاءِ بہ سوال ڪريون.


پر جڏهن اهي بيمار هئا، تڏهن مون کٿو ڍڪيو: ۽ مون روزا رکي پنهنجيءَ جان کي ڏک ڏنو؛ پر منهنجي دعا ڦري منهنجي سيني ۾ موٽي آئي.


اهڙو روزو مون کي پسند آهي ڇا؟ يا اهڙو ڏينهن جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي جان کي ڏک ڏئي؟ يا ڪاني وانگي پنهنجو مٿو جهڪائي، ۽ پنهنجي هيٺان کٿو وڇائي ۽ رک پکيڙي؟ انهي کي تون روزو چوندين ڇا، ۽ خداوند وٽ ثاب پوڻ جو ڏينهن چوندين ڇا؟


اهو اوهان جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو: تہ ستين مهيني جي ڏهين تاريخ اوهان مان هرڪو ماڻهو، پوءِ اهو اوهان جي ملڪ جو هجي، يا پرديسي، جو اوهان منجهہ اچي رهيو هجي، مطلب تہ اوهين سڀيئي پنهنجي روح جي رياضت ڪجو، ۽ ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو:


انهي ستين مهيني جو ڏهون ڏينهن ڪفاري جو ڏينهن آهي: انهي ڏينهن اوهان جي لاءِ پاڪ جماعت گڏ ٿئي، ۽ اوهين پنهنجي روح جي رياضت ڪجو؛ ۽ اوهين خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو.


اهو اوهان جي لاءِ پوري آرام جو سبت ٿيندو، ۽ اوهين پنهنجي روح جي رياضت ڪجو: انهي مهيني جي نائين تاريخ جي شام کان وٺي ٻيءَ شام تائين، پنهنجي آرام جو وقت ڪري ليکجو.


انهي ستين مهيني جي ڏهينءَ تاريخ اوهان جي پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ ۽ اوهين پنهنجي روح جي رياضت ڪجو؛ ۽ ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو:


پر جيڪڏهن سندس مڙس جنهن ڏينهن اهو ٻڌي انهي ڏينهن اهي رد باطل ڪري ڇڏي؛ تہ پوءِ هن جي مڃتائن يا خاص فرض بابت جيڪي سندس واتان نڪتو هوندو، سو قائم نہ رهندو: ڇو تہ سندس مڙس اهي رد ڪري ڇڏيا آهن؛ ۽ خداوند هن کي معافي ڏيندو.


پر جيڪڏهن هن جو مڙس روز بہ روز ماٺ ۾ رهي ۽ ڪي بہ نہ چويس؛ تہ هن جون سڀ مڃتائون ۽ خاص فرض، جي مٿس آهن تن کي هو قائم ٿو ڪري: هن انهن کي قائم ڪيو آهي، ڇالاءِ تہ جنهن ڏينهن انهن جي خبر پيس، تنهن ڏينهن کيس ڪجهہ بہ ڪين چيائين.


پر منهنجي مرضي آهي تہ اوهين ڄاڻو تہ سڀ ڪنهن مرد جو سر مسيح آهي، ۽ زال جو سر مرد آهي، ۽ مسيح جو سر خدا آهي.


نڪي مرد زال جي لاءِ پيدا ٿيو آهي، پر زال مرد جي لاءِ پيدا ٿي آهي.)


اوهين هڪ ٻئي کان ڌار نہ رهو، پر فقط ٿوري وقت لاءِ ٻنهي جي رضامنديءَ سان ائين ڪريو، تہ اوهين دعا ۾ لڳي سگهو. ۽ پوءِ وري پاڻ ۾ گڏ ٿيو، متان نفس جي غالب پوڻ ڪري شيطان اوهان کي آزمائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ