Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 30:12 - Sindhi Bible

12 پر جيڪڏهن سندس مڙس جنهن ڏينهن اهو ٻڌي انهي ڏينهن اهي رد باطل ڪري ڇڏي؛ تہ پوءِ هن جي مڃتائن يا خاص فرض بابت جيڪي سندس واتان نڪتو هوندو، سو قائم نہ رهندو: ڇو تہ سندس مڙس اهي رد ڪري ڇڏيا آهن؛ ۽ خداوند هن کي معافي ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 پر جيڪڏهن سندس مڙس اهو ٻڌي کيس منع ڪري، تہ پوءِ هوءَ پنهنجي باس يا خاص فرض جيڪو سندس زبان مان نڪتو سو پورو نہ ڪري، ڇو تہ مڙسس انهيءَ کي رد ڪري ڇڏيو. خداوند کيس ڇڏي ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 30:12
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪو بہ لفظ اسان جي واتان نڪتو آهي سو ضرور اسين پورو ڪنداسين، يعني آسمان جي راڻي لاءِ لوبان ساڙينداسين ۽ انهي جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون هارينداسين، جيئن اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن، اسان جن بادشاهن ۽ اسان جن اميرن يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ پي ڪيو آهي: ڇالاءِ جو انهي وقت اسان وٽ گهڻو کاڌو موجود هو، ۽ چڱي حال ۾ هئاسين، ۽ ڪابہ خرابي ڪانہ ڏٺيسين.


۽ جڏهن اسان آسمان جي راڻي لاءِ لوبان ساڙيو ۽ ان جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون هاريون تڏهن ڪو اسان پنهنجن مڙسن کان سواءِ اُن جي عبادت ڪرڻ لاءِ، اُن جي واسطي لولا پچايا، ۽ پيئڻ جون قربانيون هاريون ڇا؟


۽ ڪاهن بني اسرائيل جي ساري جماعت لاءِ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ انهن کي معافي ملندي؛ ڇالاءِ جو اها هڪڙي ڀل ٿي ويئي هئي، تنهنڪري هنن پنهنجو نذرانو، يعني باهہ سان ساڙيل قرباني، ۽ پنهنجي خطا جي قرباني، خداوند جي حضور ۾ اُنهي ڀل لاءِ پيش ڪئي:


۽ جنهن شخص ڀل مان اها خطا ڪئي آهي، تنهن جي گناهہ جي لاءِ، ڪاهن خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ انهي کي معافي ملندي.


۽ سندس مڙس اهو ٻڌي کڻي ماٺ ڪئي هوندي، ۽ کيس منع نہ ڪئي هوندائين؛ تہ پوءِ هن جون سڀ مڃتائون ۽ خاص فرض، جن لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هوندو، سي قائم رهندا.


هن جي هر ڪنهن مڃتا کي، يا سندس روح جي رياضت واري هر ڪنهن فرض کي، سندس مڙس چاهي تہ قائم رکي، يا چاهي تہ رد ڪري ڇڏي.


پر جيڪڏهن سندس پيءُ جنهن ڏينهن اهو ٻڌي، انهي ڏينهن کيس منع ڪري؛ تہ پوءِ هن جي ڪابہ مڃتا، يا ڪو خاص فرض، جنهن لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هجي، سو قائم نہ رهندو: ۽ خداوند هن کي معافي ڏيندو، ڇالاءِ جو هن جي پيءُ کيس موڪل نہ ڏني.


پر جيڪڏهن سندس مڙس جنهن ڏينهن اهو ٻڌي، انهي ڏينهن کيس منع ڪري؛ تہ هن ڄڻ تہ پنهنجيءَ زال جون مڃتائون ۽ خاص فرض، جن لاءِ هن تڪڙ ڪري پاڻ کي ٻڌل رکيو هو، سي رد ڪري ڇڏيا: ۽ خداوند هن کي معافي ڏيندو.


پر منهنجي مرضي آهي تہ اوهين ڄاڻو تہ سڀ ڪنهن مرد جو سر مسيح آهي، ۽ زال جو سر مرد آهي، ۽ مسيح جو سر خدا آهي.


۽ سندس مڙس القانہ چيس تہ جيئن توکي مناسب نظر اچي تيئن ڪر؛ ڀلي تيستائين ترس جيستائين تون هن جو کير نہ ڇڏائين؛ رڳو خداوند پنهنجو سخن سچو ڪري. انهي طرح اُها زال ترسي پيئي ۽ پنهنجي پٽ کي کير پياريندي رهي، جيسين ڪ انهي جو کير نہ ڇڏايائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ