Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 3:8 - Sindhi Bible

8 ۽ هو جماعت واري تنبوءَ جي سموري سامان جي، ۽ بني اسرائيل جي ساريءَ امانت جي نگهباني ڪن، انهي لاءِ تہ عبادت جي خيمي جي خدمت ڪندا رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 بلڪ اهي خيمي جي سموري سامان جي سنڀال ڪن ۽ بني اسرائيل جي پاران خدمت ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 3:8
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو دائود جي آخري حڪم موجب ويهن ورهين ۽ ان کان مٿي عمر جا بني لاوي شمار ڪيا ويا هئا.


اي منهنجا ٻچڙا هاڻي غفلت نہ ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند اوهان کي چونڊي ڪڍيو آهي تہ هن جي اڳيان بيهو ۽ خدمت ڪريو، ۽ اوهين هن جا خادم ٿيو ۽ لوبان ساڙيو.


اوهين جي خداوند جا ٿانوَ ٿا کڻو، سي روانا ٿيو، روانا ٿيو، اوهين اُتان نڪري وڃو، ڪنهن بہ ناپاڪ شئي کي نہ ڇُهو: انهيءَ منجهان نڪري وڃو، ۽ پاڪ ٿيو.


۽ عبادت جو خيمو لاٿو ويو، ۽ بني جيرسون ۽ بني مراري خيمو کڻي اڳتي روانا ٿيا.


پوءِ بني قهات پاڪ مڪان وارو سامان کڻي اڳتي روانا ٿيا، ۽ ٻين انهن جي پهچڻ تائين خيمو کڙو ڪري ٿي ڇڏيو.


۽ انهي جي طرفان، ۽ ساري جماعت جي طرفان، جيڪي کين سونپيو وڃي تنهن جي نگهباني ڪن، ۽ عبادت جي خيمي جي نگهباني ڪن.


۽ تون لاوين کي هارون ۽ سندس پٽن جي حوالي ڪري ڇڏ: اهي بني اسرائيل جي پاران هن کي ڏنا ويا آهن.


۽ بني اسرائيل واري اڌ حصي مان، پنجاهن پنجاهن مان هڪڙو، ماڻهن توڙي ڍورن، گڏهن توڙي ڌڻن منجهان، مطلب تہ هر قسم جي چوپائي مال مان هڪڙو ڪڍي لاوين کي ڏي، جي خداوند جي عبادتگاهہ جي نگهباني ٿا ڪن.


۽ جڏهن هارون ۽ سندس پٽ، پاڪ مڪان ۽ انهي جي سامان کي ڍڪي بس ڪن، ۽ ڪوچ ڪرڻ جو وقت اچي، تڏهن قهات جا پٽ انهي جي کڻڻ لاءِ اچن: پر هو پاڪ مڪان کي نہ ڇهن متان مري پون. جماعت واري تنبوءَ مان اهي شيون قهات جي پٽن کي کڻڻيون آهن.


جماعت واري تنبوءَ ۾، بني جيرسون جي خاندانن جي اها خدمت آهي، ۽ اهي هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هٿ هيٺ رهن.


جماعت واري تنبوءَ ۾ بني مراريءَ جي خاندانن جو، هر ڪنهن قسم جي خدمت موافق، هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هٿ هيٺ اهوئي ڪم آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ