۽ تون لاويءَ جي قبيلي وارن پنهنجن ڀائرن کي، يعني پنهنجي پيءُ جي قبيلي کي بہ آڻي پاڻ سان گڏ ڪر، تہ اهي بہ تو سان شامل ٿين، ۽ تنهنجي خدمت ڪن؛ پر تون، ۽ تو سان گڏ تنهنجا پٽ شاهديءَ واري تنبوءَ جي اڳيان حاضر رهو.
۽ ندب ۽ ابيهو، جڏهن سينا جي بيابان ۾ خداوند جي حضور ۾ ناجائز باهہ پيش ڪئي، تڏهن اهي خداوند جي حضور ۾ مري ويا، ۽ انهن کي اولاد ڪونہ هو: باقي اليعز ۽ اتمر پنهنجي پيءُ هارون جي موجودگيءَ ۾ ڪهانت جي عهدي تي رهي خدمت ڪندا رهيا.