Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 3:40 - Sindhi Bible

40 پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ تون بني اسرائيل جي سڀني پهريتن پٽن جو شمار ڪر، يعني جن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهي کان مٿي هجي، تن سڀني جي نالن جو شمار ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

40 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون بني اسرائيل جا سڀ پهريتا پٽ جن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهيءَ کان مٿي آهي، تن جو شمار ڪر ۽ انهن جي نالن جي لسٽ تيار ڪر، ڇو تہ اهي منهنجا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 3:40
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن خداوند قومن جو شمار ڪندو تڏهن لکندو تہ هي ماڻهو اتي ڄائو هو.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو صيون ۾ بچي ويو هوندو، ۽ جيڪو يروشلم ۾ رهجي ويو هوندو، مطلب تہ جيڪو بہ يروشلم ۾ جيئرن ۾ لکيو ويو هوندو سو پاڪ سڏبو:


ڏس بني اسرائيل جا پهريتا ٻار، جيڪي پيٽ مان پهرين نڪرن ٿا، تن جي بدران مون اسرائيل منجهان لاوين کي قبول ڪيو آهي، ۽ لاوي منهنجا ٿيندا؛


تون بني لاويءَ جو سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪر، يعني جن ڇوڪرن جي عمر هڪڙو مهينو يا انهي کان مٿي هجي، تن سڀني جو تون شمار ڪر.


۽ تون بني اسرائيل جي پهريتن پٽن جي بدران، منهنجي لاءِ لاوين جو شمار ڪر (آءٌ خداوند آهيان)؛ ۽ بني اسرائيل جي چوپائي مال جي پهرين ڄاول ٻچن جي بدران، لاوين جي چوپائي مال جو شمار ڪر.


تون بني اسرائيل مان سڀني پهريتن جي بدران لاوين کي وٺ، ۽ انهن جي چوپائي مال جي بدران، لاوين جو چوپايو مال وٺ، ۽ لاوي منهنجا ٿيندا: آءٌ خداوند آهيان.


پر انهيءَ ڪري خوش نہ ٿيو، تہ روح اوهان جي تابع آهن، پر هن ڪري خوش ٿيو، تہ اوهان جا نالا آسمان ۾ لکيل آهن.


هائو، اي سچا هم خدمت، آئون توکي بہ منٿ ٿو ڪريان تہ انهن زالن جي مدد ڪر، ڇالاءِ جو اُنهن مون سان، توڙي ڪليمنس ۽ منهنجن انهن ٻين مددگارن سان گڏ، خوشخبريءَ ۾ جانفشاني ڪئي، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ درج آهن.


تنهن هوندي بہ خدا جو مضبوط بنياد قائم آهي، ۽ انهي تي اها مهر لڳل آهي تہ ”جيڪي خداوند جا آهن، تن کي هو سڃاڻي ٿو؛“ ۽ ”جيڪو خداوند جو نالو ٿو وٺي، تنهن کي ناراستيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.“


۽ پهريتن جي عام جماعت، يعني ڪليسيا وٽ، جن جا نالا آسمان جي ياداشت ۾ داخل آهن. ۽ سڀني جي منصف خدا وٽ، ۽ ڪامل ڪيل راستبازن جي روحن وٽ،


هي اُهي ماڻهو هئا، جي زالن سان ناپاڪ نہ ٿيا؛ ڇالاءِ جو اُهي ڪنوارا هئا ۽ گهيٽي جي پٺيان جيڏانهن هو وڃي ٿو اوڏانهن ٿا وڃن. اُهي مخلوقات مان خريد ڪيا ويا هئا، تہ خدا لاءِ ۽ گهيٽي لاءِ پهريون ڦل ٿين.


جيڪو غالب پوندو تنهن کي انهيءَ طرح اڇا ڪپڙا ڍڪايا ويندا؛ ۽ آئون سندس نالو زندگيءَ جي ڪتاب مان اصل ڪڍي نہ ڇڏيندس، ۽ آئون سندس نالو پنهنجي پيءُ جي اڳيان ۽ سندس ملائڪن جي اڳيان قبول ڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ