Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 3:31 - Sindhi Bible

31 ۽ صندوق، ۽ ميز، ۽ شمعدان، ۽ ٻئي قربانگاهون، ۽ پاڪ مڪان جا ٿانو، جيڪي عبادت جي ڪم ۾ ٿا اچن، ۽ پردو، ۽ انهي سان لاڳاپو رکندڙ سڀ ڪو ڪم انهن جي ذمي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 عهد واري صندوق، ميز، شمعدان، ٻئي قربان‌گاهون، مقدس جاءِ جا ٿانوَ جيڪي خدمت ڪرڻ ۾ استعمال ڪيا ويندا هئا، مقدس ترين جاءِ جو پردو ۽ انهن شين سان لاڳاپو رکندڙ سڀڪو ڪم انهن جي ذمي هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 3:31
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بضلي ايل ٻٻر جي ڪاٺ جي صندوق جوڙي؛ انهيءَ جي ڊيگهہ اڍائي هٿ، ۽ ويڪر ڏيڍ هٿ، ۽ اوچائي بہ ڏيڍ هٿ هئي.


۽ هن جماعت واري تنبوءَ ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾، حوض رکيو، ۽ انهي ۾ ڌوئڻ جي لاءِ پاڻي وڌائين.


۽ عزي ايل جو پٽ اليصفن، بني قهات جي ابن ڏاڏن جي گهراڻي جو سردار ٿئي.


۽ هارون ڪاهن جو پٽ اليعزر، لاوين جي سردارن جو سردار ٿئي، ۽ جيڪي پاڪ مڪان جي نگهباني ٿا ڪن، تن تي نظرداري ڪري.


نڪي ماڻهو ڏيئو ٻاري ٽوئي هيٺ ٿا رکن، پر ڏياٽيءَ تي ٿا رکن، تہ گهر ۾ جيڪي ماڻهو آهن تن کي سوجهرو ڏئي.


انهي وقت خداوند لاويءَ جي قبيلي کي ڌار ڪيو، تہ اهي خداوند جي عهد جي صندوق کڻن، ۽ خداوند جي حضور ۾ حاضر رهي انهي جي خدمت ڪن، ۽ سندس نالو وٺي برڪت ڏين، جيئن اڄ ڏينهن تائين ٿيندو اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ