30 ۽ عزي ايل جو پٽ اليصفن، بني قهات جي ابن ڏاڏن جي گهراڻي جو سردار ٿئي.
30 عزيايل جو پٽ اليصافن انهيءَ نسل جو سردار هو.
عزئيل جا پٽ؛ ميسائيل، الصفن ۽ ستري هئا.
پوءِ موسيٰ، هارون جي چاچي عزي ايل جي پٽن، ميساايل ۽ الضفن کي سڏي چيو، تہ اوهين ويجها اچو، ۽ پنهنجي ڀائرن کي پاڪ مڪان مان ڪڍي منزلگاهہ کان ٻاهر کڻي وڃو.
قهات مان عمرام وارن جو خاندان، ۽ اَضهار وارن جو خاندان، ۽ حبرون وارن جو خاندان، ۽ عزي ايل وارن جو خاندان هو. اهي آهن بني قهات جا خاندان.
اهي بني قهات جا خاندان، عبادت واري خيمي جي ڏکڻ واري پاسي پنهنجا تنبو کوڙين.
۽ صندوق، ۽ ميز، ۽ شمعدان، ۽ ٻئي قربانگاهون، ۽ پاڪ مڪان جا ٿانو، جيڪي عبادت جي ڪم ۾ ٿا اچن، ۽ پردو، ۽ انهي سان لاڳاپو رکندڙ سڀ ڪو ڪم انهن جي ذمي رهي.
۽ جڏهن هارون ۽ سندس پٽ، پاڪ مڪان ۽ انهي جي سامان کي ڍڪي بس ڪن، ۽ ڪوچ ڪرڻ جو وقت اچي، تڏهن قهات جا پٽ انهي جي کڻڻ لاءِ اچن: پر هو پاڪ مڪان کي نہ ڇهن متان مري پون. جماعت واري تنبوءَ مان اهي شيون قهات جي پٽن کي کڻڻيون آهن.
جماعت واري تنبوءَ ۾ جيڪي تمام پاڪ شيون آهن، تن بابت قهات جي پٽن جي خدمت هيءَ آهي: