29 اهي بني قهات جا خاندان، عبادت واري خيمي جي ڏکڻ واري پاسي پنهنجا تنبو کوڙين.
29 انهيءَ نسل کي مقدس خيمي جي ڏاکڻي پاسي پنهنجا تنبو کوڙڻا هئا.
پر لاوي پنهنجا تنبو شاهديءَ جي خيمي جي آس پاس هڻن؛ انهي لاءِ تہ بني اسرائيل جي جماعت تي غضب نازل نہ ٿئي، ۽ لاوي شاهديءَ جي خيمي جي نگهباني ڪن.
ڏکڻ واري پاسي روبن جي منزلگاهہ جو جهنڊو سندن لشڪرن موجب هجي: ۽ شديور جو پٽ اليصور، بني روبن جو سردار ٿئي.
اهي بني جيرسون جا خاندان عبادت واري خيمي جي الهندي پاسي پنهنجا تنبو کوڙين.
انهن مان جن ڇوڪرن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهي کان مٿي هئي، تن سڀني جو شمار ڪيو ويو، ۽ اهي اٺ هزار ۽ ڇهہ سؤ هئا، ۽ پاڪ مڪان جي نگهباني انهن جي ذمي هئي.
۽ عزي ايل جو پٽ اليصفن، بني قهات جي ابن ڏاڏن جي گهراڻي جو سردار ٿئي.