Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 3:25 - Sindhi Bible

25 ۽ جماعت واري تنبوءَ ۾، عبادت جو خيمو، ۽ انهي جي مٿان جيڪو تنبو آهي سو، ۽ انهي جو ڍڪ، ۽ جماعت واري تنبوءَ جي در جو پردو، اهي بني جيرسون جي پٽن جي نگهبانيءَ هيٺ رهن؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 خدا سان ملاقات واري خيمي جي قنات ۽ پال، انهيءَ جا مٿيان غلاف ۽ انهيءَ جي در جو پردو، اهي سڀ انهن جي سنڀال هيٺ هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 3:25
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند جي گهر جي خدمت جي لاءِ، جماعت جي تنبوءَ جي، ۽ پاڪ جاءِ جي حفاظت ڪن، ۽ پنهنجي ڀائرن، يعني بني هارون جي سنڀال ڪن.


۽ حزقياہ ڪاهنن ۽ لاوين جا واري موجب سندن حصا مقرر ڪيا، جنهنڪري ڪاهنن توڙي لاوين مان هر ڪنهن ماڻهو کي پنهنجي پنهنجي خدمت موجب سوختني قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهڻيون هيون، ۽ خدمت ڪرڻي هئي، ۽ شڪرگذاري ڪرڻي هئي، ۽ خداوند جي منزلگاهہ جي درن وٽ تعريف ڪرڻي هئي.


انهي خيمي جو نمونو ۽ انهي جي ٻئي سامان جو نمونو، جيئن آءٌ توکي ڏيکاريان، تيئن ئي اوهين جوڙيو.


۽ هن خيمي جي مٿان تنبو پکيڙيو، ۽ انهي جي مٿان تنبوءَ جو ڍڪ وڌائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


۽ هن، خيمي جي در تي پردو ٽنگيو.


پر لاوين کي شاهديءَ جي خيمي جي مٿان، ۽ انهي جي سڀ سامان جي مٿان، ۽ ٻيو جيڪي انهي جي بِلي آهي، تنهن جي مٿان مقرر ڪج. هو اهو خيمو ۽ انهي جو سڀ سامان کڻن، ۽ انهي جي خدمت ڪن، ۽ خيمي جي چوڌاري منزل ڪري رهن.


۽ عبادت جو خيمو لاٿو ويو، ۽ بني جيرسون ۽ بني مراري خيمو کڻي اڳتي روانا ٿيا.


۽ لاايل جو پٽ الياسف، بني جيرسون جي ابن ڏاڏن جي گهراڻي جو سردار ٿئي.


۽ انهي جي طرفان، ۽ ساري جماعت جي طرفان، جيڪي کين سونپيو وڃي تنهن جي نگهباني ڪن، ۽ عبادت جي خيمي جي نگهباني ڪن.


يعني ٻہ گاڏيون ۽ چار ڏاند، بني جيرسون کي سندن خدمت موجب ڏنائين،


اهو انهي ماڻهوءَ وانگر آهي جو پرديس ۾ ويو هجي، ۽ گهر ڇڏڻ مهل پنهنجن نوڪرن کي اختياري ڏيئي هرهڪ کي پنهنجو پنهنجو ڪم سونپي ويو هجي، بلڪ دربان کي بہ حڪم ڏئي تہ سجاڳ رهہ.


۽ ارخپس کي چئجو تہ جيڪا خدمت خداوند ۾ توکي ملي آهي، انهيءَ ۾ هوشيار رهہ، انهيءَ کي پورو ڪر.


اي منهنجا فرزند تيمٿيس، جيڪي پيشنگوئيون تو بابت اڳي ڪيون ويون هيون، تن موجب آئون توکي اها تاڪيد ٿو ڪريان، تہ انهن جي ڪري تون چڱي جنگ ڪندو رهہ؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ