23 اهي بني جيرسون جا خاندان عبادت واري خيمي جي الهندي پاسي پنهنجا تنبو کوڙين.
23 انهن جيرشوني نسل وارن کي مقدس خيمي جي پٺيان اولهہ طرف پنهنجا تنبو کوڙڻا هئا.
پر لاوي پنهنجا تنبو شاهديءَ جي خيمي جي آس پاس هڻن؛ انهي لاءِ تہ بني اسرائيل جي جماعت تي غضب نازل نہ ٿئي، ۽ لاوي شاهديءَ جي خيمي جي نگهباني ڪن.
انهن کان پوءِ جماعت وارو تنبو لشڪرن جي وچ ۾، لاوين جي لشڪر سان گڏ ڪوچ ڪري اڳتي هلي: جهڙي طرح منزل ڪن، تهڙيءَ طرح ڪوچ ڪن، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي، سندن جهنڊن جي ڀرسان هجي.
انهن مان جن ڇوڪرن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهي کان مٿي هئي، تن سڀني جو شمار ڪيو ويو، ۽ اهڙيءَ طرح جن جو شمار ڪيو ويو، سي مڙيئي ست هزار ۽ پنج سؤ هئا.
۽ لاايل جو پٽ الياسف، بني جيرسون جي ابن ڏاڏن جي گهراڻي جو سردار ٿئي.