سو لاوين مان جيڪي شمار ڪيا ويا، جن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهي کان مٿي هئي، يعني جن جو موسيٰ ۽ هارون، خداوند جي حڪم پٽاندر، سندن خاندانن موجب شمار ڪيو، سي مڙيئي ٻاويهہ هزار هئا.
سو بني قهات جي خاندانن مان جن جو شمار ڪيو ويو، يعني جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ خدمت ڪندا هئا، سي اهي ئي آهن، جن جو موسيٰ جي هٿان موڪليل، خداوند جي حڪم موجب، موسيٰ ۽ هارون شمار ڪيو.
اهي خداوند جي حڪم موجب، پنهنجي پنهنجي خدمت، ۽ بار کڻڻ جي ڪم موجب، موسيٰ جي هٿان شمار ڪيا ويا: انهيءَ طرح جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن هن انهن جو شمار ڪيو.
۽ بني لاوي جي ڪاهن آهن، سي ويجهو اچن؛ ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي خدا انهن کي چونڊيو آهي، تہ سندس خدمت ڪن، ۽ خداوند جي نالي برڪت ڏين؛ ۽ انهن جي چوڻ موجب هر ڪنهن جهيڙي ۽ تڪرار جو فيصلو ٿئي: