Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 3:15 - Sindhi Bible

15 تون بني لاويءَ جو سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪر، يعني جن ڇوڪرن جي عمر هڪڙو مهينو يا انهي کان مٿي هجي، تن سڀني جو تون شمار ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 ”تون لاوين جو سندن نسل ۽ ڪٽنب موجب شمار ڪر. جن نرن جي عمر هڪڙو مهينو يا انهيءَ کان مٿي هجي، تن سڀني جو بہ تون شمار ڪر.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 3:15
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن کي بہ، جي ڪاهنن جي ابن جي گهراڻن موافق سندن نسب نامي موجب شمار ڪيا ويا هئا، ۽ انهن لاوين کي بہ، جي ويهن ورهين جي عمر جا ۽ ان کان مٿي هئا، ۽ حصن موجب پنهنجي واري سان ڪم ڪندا هئا؛


جيڪي مون کي پيار ڪن ٿا تن کي آءٌ بہ پيار ڪريان ٿي، ۽ جيڪي مون کي محنت ڪري ڳولين ٿا سي مون کي لهندا.


وڃ ۽ يروشلم جي ڪنن ۾ پڪار تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي تنهنجي جوانيءَ جي اُلفت ۽ تنهنجي شاديءَ واري محبت ياد آهي؛ جو تون بيابان ۾ يعني اڻ پوکيل زمين ۾ منهنجي پٺيان پئي هلئين.


خداوند قديم وقت کان مون کي ڏيکاري ڏئي چيو تہ هائو، مون دائمي محبت سان توکي پيار ڪيو آهي: تنهن ڪري رحمت سان توکي ڇڪيو اٿم.


بني اسرائيل ۾ جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هجي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هجن، تن جو سندن لشڪر موجب، تون ۽ هارون گڏجي شمار ڪريو.


پر لاويءَ جي نسل وارا پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبيلي موجب، انهن ۾ شمار نہ ڪيا ويا؛


۽ لاوين مان جن جو سندن گهراڻن موجب شمار ڪيو ويو، سي هي آهن: جيرسون، جنهن کان جيرسونين جو گهراڻو شروع ٿيو: قهات، جنهن کان قهاتين جو گهراڻو شروع ٿيو: مراري، جنهن کان مرارين جو گهراڻو شروع ٿيو.


باقي انهن مان جن ڇوڪرن جي عمر هڪ مهينو يا انهي کان مٿي هئي، تن جو شمار ڪيو ويو، ۽ اهي ٽيويهہ هزار ٿيا: انهن جو شمار بني اسرائيل سان گڏ نہ ڪيو ويو، ڇالاءِ جو انهن کي ورثو ڪونہ ملڻو هو.


سو جيئن موسيٰ کي حڪم مليو، تيئن خداوند جي فرمان موجب هن انهن جو شمار ڪيو.


انهن مان جن ڇوڪرن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهي کان مٿي هئي، تن سڀني جو شمار ڪيو ويو، ۽ اهڙيءَ طرح جن جو شمار ڪيو ويو، سي مڙيئي ست هزار ۽ پنج سؤ هئا.


انهن مان جن ڇوڪرن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهي کان مٿي هئي، تن سڀني جو شمار ڪيو ويو، ۽ اهي اٺ هزار ۽ ڇهہ سؤ هئا، ۽ پاڪ مڪان جي نگهباني انهن جي ذمي هئي.


انهن مان جن ڇوڪرن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهي کان مٿي هئي، تن سڀني جو شمار ڪيو ويو، ۽ اهي ڇهہ هزار ۽ ٻہ سؤ هئا.


۽ انهن مان سڀيئي پهريتا پٽ، جن جو سندن نالن موجب شمار ڪيو ويو، سي ٻاويهہ هزار ٻہ سؤ ۽ ٽيهتر هئا.


سو جڏهن يسوع اهو حال ڏٺو، تڏهن ڪاوڙجي هنن کي چيائين تہ ننڍڙن ٻارن کي مون وٽ اچڻ ڏيو؛ ۽ انهن کي منع نہ ڪريو: ڇالاءِ جو خدا جي بادشاهت اهڙن ئي جي آهي.


۽ تون ننڍپڻ کان انهن پاڪ لکيتن کان واقف آهين، جي توکي مسيح يسوع تي ايمان آڻڻ سان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ دانائي بخشي ٿيون سگهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ