Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 3:12 - Sindhi Bible

12 ڏس بني اسرائيل جا پهريتا ٻار، جيڪي پيٽ مان پهرين نڪرن ٿا، تن جي بدران مون اسرائيل منجهان لاوين کي قبول ڪيو آهي، ۽ لاوي منهنجا ٿيندا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12-13 ”جنهن ڏينهن مون مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا ٻار ماريا، تنهن ڏينهن بني اسرائيل ۾ ماڻهن جا توڙي جانورن جا سڀ پهريتا مون پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيا. تنهنڪري سڀ پهريتا ٻار منهنجا آهن، جن مان مون بني اسرائيل جي هر عورت جي پهريتي نر ٻار جي عيوض لاوين کي قبول ڪيو آهي. تنهنڪري لاوي هاڻ منهنجا آهن. آءٌ خداوند آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 3:12
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بني اسرائيل ۾ سڀ پهريتا ٻار، جي پهرين پيٽ مان نڪرن، سي منهنجي لاءِ مخصوص ڪر، ماڻهن جا پهريتا ٻار توڙي جانورن جا پهريتا ٻچا، اهي سڀ منهنجا آهن.


۽ ڏسو، مون اوهان جي ڀائرن، يعني بني لاوين کي بني اسرائيل مان ورتو آهي: اهي اوهان کي خداوند جي لاءِ بخشش طور ڏنا ويا آهن، تہ جماعت واري تنبوءَ ۾ خدمت ڪن.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ


۽ تون بني اسرائيل جي پهريتن پٽن جي بدران، منهنجي لاءِ لاوين جو شمار ڪر (آءٌ خداوند آهيان)؛ ۽ بني اسرائيل جي چوپائي مال جي پهرين ڄاول ٻچن جي بدران، لاوين جي چوپائي مال جو شمار ڪر.


تون بني اسرائيل مان سڀني پهريتن جي بدران لاوين کي وٺ، ۽ انهن جي چوپائي مال جي بدران، لاوين جو چوپايو مال وٺ، ۽ لاوي منهنجا ٿيندا: آءٌ خداوند آهيان.


انهيءَ طرح تون بني اسرائيل مان لاوين کي ڌار ڪر، پوءِ لاوي منهنجا ٿيندا.


ڇالاءِ جو اهي سڀيئي بني اسرائيل مان مون کي پوريءَ طرح مليل آهن، ڇو جو مون انهن کي بني اسرائيل جي سڀني پهريتن ٻارن جي بدلي، پنهنجي واسطي چونڊيو آهي:


۽ بني اسرائيل مان سڀني پهريتن جي عيوض مون لاوين کي ورتو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ