ڳاڻاٽو 29:6 - Sindhi Bible6 انهي کان سواءِ نئين چنڊ جي سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ انهن سان گڏ پيئڻ واريون قربانيون، اهي سڀ سندن قانون موجب پيش ڪندا رهجو، اها وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible6 اهي قربانيون، ماهوار ۽ روزانہ ساڙڻ وارين قربانين ۽ انهن سان گڏ اناج ۽ اوتڻ وارين قربانين کان واڌاريون آهن. اهي وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واريون قربانيون آهن.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تہ پوءِ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن ڀل مان اوهان کان خطا ٿي هجي، ۽ جماعت کي انهيءَ جي خبر نہ پوي، تہ پوءِ ساري جماعت خداوند جي لاءِ خوشبوءِ ڪرڻ واسطي، هڪڙو وهڙو سوختني قربانيءَ لاءِ، انهي جي کاڌي جي قربانيءَ، ۽ پيئڻ واريءَ قربانيءَ سان گڏ دستوري حڪم موجب آڻي پيش ڪري؛ ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر پيش ڪري.