اهي اوهين خداوند جي حضور ۾ پنهنجين مقرر ڪيل عيدن تي پيش ڪجو، انهيءَ کان سواءِ اوهان جون مڃتائون، ۽ اوهان جون خوشيءَ جون قربانيون، ۽ اوهان جون سوختنيون قربانيون، ۽ اوهان جون کاڌي جون قربانيون، ۽ اوهان جون پيئڻ واريون قربانيون، ۽ اوهان جون سلامتيءَ جون قربانيون بہ پيش ڪندا رهجو.
ڏسو، جهڙيءَ طرح خداوند منهنجي خدا مون کي حڪم ڏنو هو، تهڙيءَ طرح مون اوهان کي قانون ۽ فيصلا سيکاري ڇڏيا آهن؛ انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو.