Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 29:39 - Sindhi Bible

39 اهي اوهين خداوند جي حضور ۾ پنهنجين مقرر ڪيل عيدن تي پيش ڪجو، انهيءَ کان سواءِ اوهان جون مڃتائون، ۽ اوهان جون خوشيءَ جون قربانيون، ۽ اوهان جون سوختنيون قربانيون، ۽ اوهان جون کاڌي جون قربانيون، ۽ اوهان جون پيئڻ واريون قربانيون، ۽ اوهان جون سلامتيءَ جون قربانيون بہ پيش ڪندا رهجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

39 اوهين مون خداوند جي حضور ۾ پنهنجين مقرر ڪيل عيدن تي پنهنجين باسيل توڙي خوشيءَ جي قربانين کان علاوہ اهي ساڙڻ واريون قربانيون، اناج جون قربانيون، اوتڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪندا رهجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 29:39
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سبت، ۽ نئين چنڊ، ۽ مقرر عيدن تي، هميشہ خداوند جي حضوريءَ ۾ پوري تعداد موجب، سڀ سوختني قربانيون قاعدي موجب چاڙهين.


۽ قوري بن يمنہ لاوي، جو اُڀرندي واري در جو دربان هو، سو خدا جي خوشيءَ وارين قربانين تي مقرر هو ۽ خداوند جي نذرانن ۽ تمام پاڪ شين جي ورهائڻ وارو هو.


هن بادشاهہ جي مال مان سندس حصو سوختني قربانين لاءِ بہ مقرر ڪيو، يعني صبح ۽ شام جي سوختني قربانين لاءِ، ۽ سبت جي ڏينهن جي سوختني قربانين لاءِ، ۽ نئين چنڊ لاءِ، ۽ ٺهرايل عيدن لاءِ، جيئن ڪ خداوند جي شريعت ۾ لکيل آهي.


۽ جيئن لکيل آهي تيئن هنن تنبن جي عيد ڪئي، ۽ دستور موجب روزمرہ جون سوختني قربانيون شمار موافق چاڙهيائون، جيئن ڪ هر روز جو فرض مقرر هو؛


۽ تنهن کانپوءِ ساندهہ سوختنيون قربانيون ۽ نئين چنڊ جون قربانيون، ۽ اهي سڀ خداوند جون مقرر ڪيل عيدون، جي پاڪ ڪيل هيون، ۽ جن خوشيءَ سان خداوند جي قرباني ڪرڻ ٿي گهري، تن جون قربانيون چاڙهيون.


يعني نذر جي مانيءَ لاءِ، ۽ هميشہ جي کاڌي جي قربانيءَ، ۽ هميشہ جي سوختني قربانيءَ لاءِ، سبت جي ڏينهن، ۽ نئين چنڊ تي، مقرر عيدن لاءِ، ۽ پاڪ شين لاءِ، ۽ اسرائيل جو ڪفارو ڪرڻ واسطي گناهہ جي قربانين لاءِ، ۽ اسان جي خدا جي گهر جي هر قسم جي ڪم لاءِ.


منهنجو روح اوهان جن نون چنڊن کي ۽ اوهان جن مقرر ڪيل عيدن کي ڌڪاري ٿو: اهي منهنجي لاءِ تڪليف آهن: آءٌ انهن کان بيزار آهيان ۽ اهي برداشت ڪري نٿو سگهان.


تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ خداوند جون مقرر ڪيل عيدون، جن جي لاءِ اوهين پاڪ جماعتن جي گڏ ٿيڻ جي پڌرائي ڪندا، سي منهنجون مقرر ڪيل عيدون هي آهن.


انهي ڏينهن اوهين ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو: ڇالاءِ جو اهو ڪفاري جو ڏينهن آهي، ۽ خداوند اوهان جي خدا جي حضور ۾ اوهان جي لاءِ ڪفارو ڪيو وڃي.


انهي کان سواءِ خداوند جي سبتن کي مڃيندا رهجو، ۽ پنهنجا نذرانا ۽ پنهنجيون مڃتا جون قربانيون، ۽ پنهنجيون خوشيءَ جون قربانيون، برابر پيش ڪندا رهجو.


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جي قرباني چاڙهي، تہ انهيءَ جو قاعدو هن ريت آهي.


هائو، جيتوڻيڪ اوهين پنهنجون سوختني قربانيون ۽ کاڌي جون قربانيون منهنجي لاءِ پيش ڪندا، تہ بہ اُهي آءٌ قبول نہ ڪندس: نڪي اوهان جي ٿلهن جانورن سان سلامتيءَ جي قرباني تي ڪو ڌيان ڏيندس.


بني اسرائيل کي حڪم ڏيئي چئُہ، تہ منهنجو نذرانو، يعني منهنجي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قربانيءَ واري خوراڪ، جا باهہ سان ساڙبي آهي، سا اوهين ياد ڪري ٺهرايل وقت تي منهنجي لاءِ ادا ڪندا رهجو.


۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.


۽ موسيٰ بني اسرائيل کي اهي سڀ ڳالهيون ٻڌايون، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


جيڪو نذير ڪا مڃتا مڃي، تنهن بابت، ۽ پنهنجيءَ پرهيزگاريءَ جي لاءِ خداوند جي حضوريءَ ۾ جيڪي پيش ڪري تنهن بابت، ۽ انهي کان سواءِ ٻيو جيڪي هٿ اچي سگهيس، تنهن بابت اهو قانون آهي؛ ۽ جيڪا مڃتا هو مڃي، تنهن موجب پنهنجيءَ پرهيزگاريءَ جي قانون تي عمل ڪري.


تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو يا جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خدا جي جلال جي واسطي ڪريو.


۽ اتي اوهين پنهنجون سوختنيون قربانيون، ۽ پنهنجون ذبح ڪرڻ واريون قربانيون، ۽ پنهنجا ڏهان حصا، ۽ پنهنجي هٿ جون مٿي کنيل قربانيون، ۽ پنهنجون مڃتائون، ۽ پنهنجون خوشيءَ جون قربانيون، ۽ پنهنجي ڍورن ۽ ڌڻن جا پهريان ٻچا پيش ڪجو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ