26 وري پنجين ڏينهن نوَ وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا بي عيب گهيٽا پيش ڪجو؛
26 پنجين ڏينهن تي نوَ وهڙا، ٻہ گھٽا ۽ چوڏهن هڪسالا گھيٽا پيش ڪجو، جي سڀ بيعيب هجن.
۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.
۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني، وهڙن، گهٽن ۽ گهيٽن جي لاءِ، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو:
ڇالاءِ جو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گهُرج هئي، جو پاڪ، بي ريا، بي عيب، گنهگارن کان ڌار ۽ آسمانن کان بہ مٿي ڪيو ويو هجي،