Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 29:12 - Sindhi Bible

12 ۽ ستين مهيني جي پندرهينءَ تاريخ اوهان جي پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ ۽ اوهين ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو، ۽ ست ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ڪجو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 ”ستين مهيني جي پندرهين تاريخ اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو. ست ڏينهن مون خداوند جي لاءِ عيد ملهائجو ۽ انهن ڏينهن ۾ اوهين ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 29:12
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اٺين مهيني ۾ پندرهين تاريخ يربعام هڪڙي عيد مقرر ڪئي، جهڙي يهوداہ ۾ عيد ٿيندي هئي، ۽ پاڻ قربانگاهہ تائين چڙهي ويو؛ ساڳيءَ طرح بيت ايل ۾ بہ جيڪي گابا جوڙيا هئائين تن جي اڳيان قربانيون ڪيائين: ۽ بيت ايل ۾ جي مٿانهيون جايون هن ٺهرايون هيون، تن جا ڪاهن مقرر ڪيائين.


۽ جيئن لکيل آهي تيئن هنن تنبن جي عيد ڪئي، ۽ دستور موجب روزمرہ جون سوختني قربانيون شمار موافق چاڙهيائون، جيئن ڪ هر روز جو فرض مقرر هو؛


۽ هنن شريعت ۾ لکيل ڏٺو تہ خداوند موسيٰ جي معرفت فرمايو هو تہ ستين مهيني واريءَ عيد تي لانڍين ۾ رهن:


روز بروز، پهرين ڏينهن کان وٺي پوئين ڏينهن تائين، هو خدا جي شريعت جي ڪتاب مان پڙهندو هو. ۽ هنن ست ڏينهن برابر عيد ڪئي؛ ۽ اٺين ڏينهن، دستور موجب هنن هڪڙي وڏي جماعت گڏ ڪئي.


۽ لاباري جي عيد، يعني جيڪي تون پنهنجيءَ ٻنيءَ ۾ پوکين تنهن جي پهرئين ڦل جي عيد ڪج: ۽ سال جي پڇاڙيءَ ۾، جڏهن تون پنهنجيءَ ٻنيءَ ۾ ڪيل پورهئي جو ڦل گڏ ڪرين، تڏهن فصل کڻڻ جي عيد ڪج.


تون هفتن جي عيد ڪج، يعني ڪڻڪ جي پهرئين لاباري وقت، ۽ وري سال جي پڇاڙيءَ ۾ فصل کڻڻ جي عيد ڪج.


ستين مهيني جي پندرهين تاريخ بہ، عيد تي هو ستن ڏينهن تائين ساڳيو انهي طرح ڪندو؛ گناهہ جي قربانيءَ، ۽ سوختني ۽ کاڌي واري قربانيءَ ۽ تيل موافق.


پهرئين ڏينهن اوهين پاڪ جماعت گڏ ڪجو: ۽ ٻيو ڪو محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.


۽ ستين مهيني جي پهرئين ڏينهن اوهين پاڪ جماعت گڏ ڪجو: ۽ ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو: اهو اوهان جي لاءِ ترين وڄائڻ جو ڏينهن آهي.


۽ اوهين سوختني قربانيءَ لاءِ تيرهن وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا گهيٽا، جي سڀ بي عيب هجن، سي خداوند جي حضور ۾، وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ، باهہ سان ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪجو:


اٺين ڏينهن اوهان جي پاڪ جماعت گڏ ٿيندي: اوهين ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو:


۽ ڪلام مجسم ٿيو، ۽ فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ٿي اسان وٽ اچي رهيو؛ (۽ اسان سندس اهڙو جلال ڏٺو، جهڙو پيءُ جي هڪڙي ئي جو جلال).


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ