Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 29:1 - Sindhi Bible

1 ۽ ستين مهيني جي پهرئين ڏينهن اوهين پاڪ جماعت گڏ ڪجو: ۽ ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو: اهو اوهان جي لاءِ ترين وڄائڻ جو ڏينهن آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ”ستين مهيني جي پهرين تاريخ اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو. اهو اوهان جي لاءِ نفيلن وڄائڻ جو ڏينهن آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 29:1
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ طرح سڀني اسرائيلين نعرا هڻي ۽ زور سان ناد ۽ تريون، جهانجهہ، تنبورا ۽ بربط وڄائيندي، خدا جي عهدنامي جي صندوق آندي.


ستين مهيني جي پهرين تاريخ کان وٺي هو خداوند جي لاءِ سوختني قربانيون پيش ڪرڻ لڳا: پر خداوند جي هيڪل جو بنياد اڃا نہ وڌو هئائون.


انهيءَ طرح ڪاهن، ۽ لاوي، ۽ دربان، ۽ ڳائڻ وارا، ۽ ماڻهن مان ڪي، ۽ نتينيم، ۽ سڀ اسرائيلي، پنهنجن شهرن ۾ رهڻ لڳا. ۽ جڏهن ستون مهينو آيو، تڏهن بني اسرائيل پنهنجن شهرن ۾ هئا.


۽ عزرا ڪاهن ستين مهيني جي پهرين تاريخ سڄيءَ جماعت جي اڳيان، يعني مردن، توڙي زالن، ۽ جيڪي ٻڌي ۽ سمجهي ٿي سگهيا، تن جي اڳيان اهو شريعت جو ڪتاب آندو.


چنڊ ۽ چوڏس تي، يعني اسان جي پاڪ عيد جي ڏينهن تري وڄايو.


مبارڪ آهي اها اُمت جا خوشيءَ جي آواز کي سمجهي ٿي: اي خداوند اهي تنهنجي چهري جي نور ۾ ٿا هلن.


۽ لاباري جي عيد، يعني جيڪي تون پنهنجيءَ ٻنيءَ ۾ پوکين تنهن جي پهرئين ڦل جي عيد ڪج: ۽ سال جي پڇاڙيءَ ۾، جڏهن تون پنهنجيءَ ٻنيءَ ۾ ڪيل پورهئي جو ڦل گڏ ڪرين، تڏهن فصل کڻڻ جي عيد ڪج.


تون هفتن جي عيد ڪج، يعني ڪڻڪ جي پهرئين لاباري وقت، ۽ وري سال جي پڇاڙيءَ ۾ فصل کڻڻ جي عيد ڪج.


۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ هڪڙي وڏي تري وڄائي ويندي، ۽ جيڪي اسور جي ملڪ ۾ تباهہ ٿيڻ تي هئا، ۽ جيڪي مصر جي ملڪ ۾ جلاوطن هئا، سي ايندا؛ ۽ اُهي يروشلم جي پاڪ جبل تي خداوند جي عبادت ڪندا.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


پهرئين ڏينهن اوهين پاڪ جماعت گڏ ڪجو: ۽ ٻيو ڪو محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.


۽ خداوند هنن جي مٿان ڏيکاري ڏيندو ۽ سندس تير بجليءَ وانگر نڪرندو: ۽ خداوند خدا قرناءِ وڄائيندو ۽ ڏکڻ جي واءُ وانگر ايندو.


انهي کان سواءِ لاباري واري ڏينهن، جڏهن اوهين پنهنجيءَ هفتن واريءَ عيد تي خداوند جي حضور ۾ نئين کاڌي جي قرباني پيش ڪريو، تڏهن اوهين پاڪ جماعت گڏ ڪجو؛ ۽ ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو:


۽ ستين مهيني جي پندرهينءَ تاريخ اوهان جي پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ ۽ اوهين ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو، ۽ ست ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ڪجو:


اوهين خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني چاڙهجو؛ يعني هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ ست يڪسالا بي عيب گهيٽا:


اٺين ڏينهن اوهان جي پاڪ جماعت گڏ ٿيندي: اوهين ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ