ڏس آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي لاءِ هڪڙو گهر ٿو جوڙيان ۽ انهيءَ کي سندس لاءِ مخصوص ٿو ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ سندس اڳيان خوشبودار لوبان ساڙڻ ۾ اچي، ۽ هميشہ نذر جي ماني کڻڻ ۾ اچي، ۽ صبح سانجهيءَ، ۽ سبت جي ڏينهن تي، ۽ نئين چنڊ جي ڏينهن تي، ۽ خداوند اسان جي خدا جي ٺهرايل عيدن تي، سوختني قربانيون چاڙهڻ ۾ اچن. اهو اسرائيل جي لاءِ هميشہ جو قانون آهي.