Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 28:3 - Sindhi Bible

3 تون هنن کي چئُہ، تہ جيڪا باهہ سان ساڙڻ واري قرباني اوهين خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا سا هيءَ آهي؛ هر روز ٻہ يڪسالا گهيٽا سوختني قربانيءَ جي لاءِ تون هميشہ چاڙهيندو رهج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 جيڪي ساڙيون ويندڙ قربانيون اوهين مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا سي هن ريت هجن. اوهين هر روز ٻہ هڪسالا بي‌عيب گھيٽا ساڙڻ واري قربانيءَ طور،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 28:3
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ خداوند جي اڳيان هميشہ صبح ۽ شام جو قربانگاهہ تي سوختني قرباني چاڙهين، جيئن تہ خداوند جي شريعت ۾ لکيل آهي، ۽ جنهن جو هن اسرائيل کي حڪم ڏنو؛


يعني روزمرہ جي فرض موجب، موسيٰ جي حڪمن موافق، سبت جي ڏينهن تي، ۽ نئين چنڊ تي، ۽ ٺهرايل عيدن تي، سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني اڻ خمير ٿيل مانيءَ جي عيد تي، ۽ هفتن جي عيد تي، ۽ تنبن جي عيد تي، قربانيون چاڙهيون.


۽ تنهن کانپوءِ ساندهہ سوختنيون قربانيون ۽ نئين چنڊ جون قربانيون، ۽ اهي سڀ خداوند جون مقرر ڪيل عيدون، جي پاڪ ڪيل هيون، ۽ جن خوشيءَ سان خداوند جي قرباني ڪرڻ ٿي گهري، تن جون قربانيون چاڙهيون.


۽ هٿيار هن جي طرفان کڙا ٿيندا، ۽ هو پاڪ مڪان جي بي ادبي ڪندا، يعني قلعي جي، ۽ مدامي سوختني قرباني کڻي ويندا، ۽ ويران ڪندڙ ڪراهت جهڙي شيءِ اُتي رکندا.


۽ جنهن وقت کان مدامي سوختني قرباني کڄي ويندي، ۽ ويران ڪندڙ ڪراهت جهڙي شيءِ قائم ڪئي ويندي، تنهن کان وٺي هڪ هزار ٻہ سؤ ۽ نوي ڏينهن ٿيندا.


هائو، هو اهڙو وڏو ٿي ويو جو انهي لشڪر جي سردار تائين وڃي پهتو؛ ۽ اُنهي کان مدامي سوختني قرباني کسي ورتائين، ۽ هن جي پاڪ مڪان کي ڊاهي ڇڏيائين.


پوءِ مون هڪڙي پاڪ شخص کي ڳالهائيندو ٻڌو، ۽ ٻئي پاڪ شخص انهي پهرين ڳالهائڻ واري کي چيو، تہ مدامي سوختني قرباني، ۽ اُهو گناهہ جو ويران ٿو ڪري، انهي لاءِ تہ پاڪ مڪان ۽ لشڪر ٻئي پيرن هيٺ لتاڙجي وڃن، تنهن جي بابت اُهو رويا ڪيستائين رهندو؟


۽ هارون جا پٽ انهي کي قربانگاهہ جي ٻرندڙ ڪاٺين تي، سوختني قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙين: اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


هارون ۽ سندس پٽن کي حڪم ڪري چئُہ تہ سوختني قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي: يعني تہ سوختني قرباني، ساري رات ويندي صبح تائين قربانگاهہ تي آتشدان جي مٿان رکي رهي؛ ۽ قربانگاهہ جي باهہ ان ۾ ٻرندي رهي.


بيت ايل ۾ اچو ۽ گناهہ ڪريو، جلجال ۾ اچو ۽ گناهہ وڌايو، هر صبح پنهنجون قربانيون چاڙهيو، ۽ هر ٽئين ڏينهن پنهنجون ڏهاڪيون آڻيندا رهو.


روزمرہ جي سوختني قرباني، ۽ پيئڻ واريءَ قربانيءَ کان سواءِ، هيءَ هر ڪنهن سبت جي سوختني قرباني آهي.


۽ هميشہ جي سوختني قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ پيئڻ واري قربانيءَ کان سواءِ، هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ طور خداوند جي حضور ۾ پيش ڪرڻ گهرجي.


صبح واري سوختني قرباني، جا هميشہ جي سوختني قرباني آهي، تنهن کان سواءِ اوهين اهي قربانيون پيش ڪجو.


انهيءَ طرح اوهين ست ڏينهن برابر هر روز خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي قربانيءَ واري خوراڪ، جا باهہ سان ساڙبي آهي، سا پيش ڪندا رهجو: ۽ هميشہ واريءَ سوختني قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ پيئڻ واري قربانيءَ کان سواءِ هيءَ قرباني بہ پيش ڪرڻ ۾ اچي.


هميشہ واريءَ سوختني قربانيءَ، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ، ۽ پيئڻ واريءَ قربانيءَ کان سواءِ، اوهين هي بہ پيش ڪجو. (اهي سڀ بي عيب هئڻ گهرجن.)


هڪڙو گهيٽو صبح جو، ۽ ٻيو گهيٽو سانجهيءَ جو قربان ڪج؛


۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ هيءَ قرباني، ڪفاري واريءَ گناهہ جي قربانيءَ، ۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ، ۽ پيئڻ واري قربانيءَ کان ڌار پيش ڪجو.


۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.


انهي کان سواءِ نئين چنڊ جي سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ انهن سان گڏ پيئڻ واريون قربانيون، اهي سڀ سندن قانون موجب پيش ڪندا رهجو، اها وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي.


ٻئي ڏينهن هن يسوع کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي چيو، تہ ڏسو خدا جو گهيٽو، جو جهان جو گناهہ کڻي ٿو وڃي!


هاڻي جڏهن اهي شيون اهڙيءَ طرح تيار ٿي چڪيون تہ پوءِ تنبوءَ جي پهرئين حصي ۾ ڪاهن هر وقت خدمت بجا آڻڻ لاءِ داخل ٿا ٿين؛


۽ سڀني زمين جي رهاڪن انهن جي بندگي ٿي ڪئي، سواءِ اُنهن جي، جن جا نالا دنيا جي پيدائش کان وٺي ذبح ڪيل گهيٽي جي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ