پوءِ هو ٻاهر نڪري، خداوند جي حضور ۾ جيڪا قربانگاهہ آهي، اتي اچي، ۽ انهيءَ جي لاءِ ڪفارو ڪري؛ ۽ وهڙي جي رت مان، ۽ ٻڪر جي رت مان ڪجهہ کڻي، قربانگاهہ جي سڱن تي چوڌاري لڳائي.
هن ڪري جو جيڪو ڪم شريعت جسم جي ڪمزور هئڻ سبب نہ ڪري سگهي، سو خدا ڪيو، يعني هن پنهنجي ئي فرزند کي گناهہ جي جسم جي صورت ۾، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ موڪلي، گناهہ تي جسم ۾ سزا جي فتويٰ ڏني: