Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 28:19 - Sindhi Bible

19 پر اوهين خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙيل قرباني، يعني سوختني قرباني چاڙهجو؛ ٻہ وهڙا، هڪڙو گهٽو ۽ ست يڪسالا گهيٽا: اهي سڀ بي عيب هئڻ گهرجن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 اوهين مون خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو، جنهن ۾ ٻہ وهڙا، هڪڙو گھٽو ۽ ست هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بي‌عيب هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 28:19
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن سوختني قربانيون کنيون، انهيءَ لاءِ تہ اهي بني اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جي حصن موجب هنن کي ڏئي ڇڏين، تہ خداوند جي لاءِ پيش ڪن، جيئن ڪ موسيٰ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي. ۽ ڏاندن سان بہ هنن ائين ڪيو.


جيڪڏهن انهي جي قرباني ڍورن مان سوختني قرباني هجي، تہ اهو ڍور نر ۽ بي عيب هئڻ گهرجي: هو انهي کي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي پيش ڪري، تہ هو پاڻ خداوند جي حضور ۾ قبول پوي.


پر جنهن ۾ ڪو عيب هجي، سو اوهين پيش نہ ڪجو، ڇالاءِ جو اهو اوهان جي لاءِ قبول نہ پوندو.


۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، هرهڪ وهڙي جي واسطي، تيل ۾ گڏيل ميدي جي هڪڙي ايفہ جون ٽي ڏهايون، ۽ گهٽي جي لاءِ هڪڙي ايفہ جو پنجون حصو،


هميشہ واريءَ سوختني قربانيءَ، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ، ۽ پيئڻ واريءَ قربانيءَ کان سواءِ، اوهين هي بہ پيش ڪجو. (اهي سڀ بي عيب هئڻ گهرجن.)


پر اوهين خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني چاڙهجو؛ يعني هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ست يڪسالا گهيٽا؛ اهي سڀ بي عيب هئڻ گهرجن:


۽ جيڪڏهن انهي ۾ ڪو عيب هجي، جيئن تہ هو منڊو يا انڌو هجي، يا ٻيو ڪو عيب هجيس، تہ اهو تون خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان قربانيءَ طور پيش نہ ڪج.


تنهنڪري جيڪو هنڌ خداوند پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊي، اتي تون پنهنجن ڍورن ۽ پنهنجن ڌڻن مان، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ فسح جي قرباني ڪج.


پر هڪڙي بي عيب ۽ بي داغ گهيٽي جي قيمتي رت سان ملي، يعني مسيح جي رت سان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ