18 پهرئين ڏينهن پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ ۽ اوهين ڪو محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو:
18 تقريب جي پهرئين ڏينهن تي مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.
۽ پهرئين ڏينهن اوهان جي لاءِ پاڪ مجلس ٿيندي ۽ ستين ڏينهن بہ اوهان جي لاءِ پاڪ مجلس ٿيندي؛ انهن ڏينهن تي کاڌي کان سواءِ ٻيو ڪنهن بہ قسم جو ڪم ڪرڻ ۾ نہ اچي، رڳو اهوئي ڪم اوهان کي ڪرڻو آهي.
۽ ستين ڏينهن اوهين پاڪ جماعت گڏ ڪجو؛ ۽ ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.
انهي کان سواءِ لاباري واري ڏينهن، جڏهن اوهين پنهنجيءَ هفتن واريءَ عيد تي خداوند جي حضور ۾ نئين کاڌي جي قرباني پيش ڪريو، تڏهن اوهين پاڪ جماعت گڏ ڪجو؛ ۽ ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو: