Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 28:15 - Sindhi Bible

15 ۽ هميشہ جي سوختني قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ پيئڻ واري قربانيءَ کان سواءِ، هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ طور خداوند جي حضور ۾ پيش ڪرڻ گهرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 دستوري ساڙڻ واري قرباني ۽ انهيءَ سان گڏ اوتڻ واري قربانيءَ کان سواءِ، هڪڙو ٻڪر پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيو وڃي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 28:15
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هنن يوسف جو ڪُرتو کنيو، ۽ هڪڙو ٻڪر ڪهي، تنهن جي رت ۾ اهو ڪُرتو ٻوڙيائون؛


تنهن کان پوءِ هو گناهہ جي قربانيءَ واري ٻڪر کي ذبح ڪري، جو اُمت جي واسطي آهي، ۽ انهي جو رت پردي جي اندر آڻي، ۽ انهي جي رت سان بہ ائين ئي ڪري، جيئن وهڙي جي رت سان ڪيو هئائين، يعني اهو رحمت جي پوش تي ۽ رحمت جي پوش جي اڳيان ڇاٽاري.


۽ هو پاڪ مڪان جي لاءِ بني اسرائيل جي ناپاڪيءَ سبب، ۽ انهن جي قصورن سبب، يعني انهن جي سڀني گناهن جي سبب ڪفارو ڪري: ۽ ساڳيءَ طرح جماعت واري تنبوءَ جي لاءِ بہ ڪري، جو ساڻن گڏ سندن ناپاڪيءَ جي وچ ۾ رهي ٿو.


تہ جيڪڏهن سندس ڪيل گناهہ کيس معلوم ٿئي، تہ پوءِ هو پنهنجي قربانيءَ جي لاءِ هڪڙو نر ٻڪر آڻي، جو بي عيب هجي؛


تہ پوءِ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن ڀل مان اوهان کان خطا ٿي هجي، ۽ جماعت کي انهيءَ جي خبر نہ پوي، تہ پوءِ ساري جماعت خداوند جي لاءِ خوشبوءِ ڪرڻ واسطي، هڪڙو وهڙو سوختني قربانيءَ لاءِ، انهي جي کاڌي جي قربانيءَ، ۽ پيئڻ واريءَ قربانيءَ سان گڏ دستوري حڪم موجب آڻي پيش ڪري؛ ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر پيش ڪري.


۽ انهن سان گڏ پيئڻ واري قربانيءَ جي واسطي هڪ وهڙي جي پٺيان مئي جو اڌ هين، ۽ هڪڙي گهٽي جي پٺيان هين جو ٽيون حصو، ۽ هرهڪ گهيٽي جي پٺيان هين جو چوٿون حصو هئڻ گهرجي: اها سال جي سڀني مهينن لاءِ، هر مهيني جي سوختني قرباني آهي.


۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ بہ، تہ اوهان جي لاءِ ڪفارو ٿئي.


تون هنن کي چئُہ، تہ جيڪا باهہ سان ساڙڻ واري قرباني اوهين خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا سا هيءَ آهي؛ هر روز ٻہ يڪسالا گهيٽا سوختني قربانيءَ جي لاءِ تون هميشہ چاڙهيندو رهج.


هڪڙو ٻڪر اوهان جي ڪفاري لاءِ هئڻ گهرجي.


۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.


۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، تہ اوهان جي لاءِ ڪفارو ٿئي:


هن ڪري جو جيڪو ڪم شريعت جسم جي ڪمزور هئڻ سبب نہ ڪري سگهي، سو خدا ڪيو، يعني هن پنهنجي ئي فرزند کي گناهہ جي جسم جي صورت ۾، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ موڪلي، گناهہ تي جسم ۾ سزا جي فتويٰ ڏني:


جنهن کي گناهہ جي ڪابہ واقفيت ڪانہ هئي، تنهن کي هن اسان جي واسطي گناهہ ٺهرايو؛ انهي لاءِ تہ هن ۾ اسين خدا جي راستبازي ٿي پئون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ