Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

ڳاڻاٽو 28:10 - Sindhi Bible

10 روزمرہ جي سوختني قرباني، ۽ پيئڻ واريءَ قربانيءَ کان سواءِ، هيءَ هر ڪنهن سبت جي سوختني قرباني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 روزمرہ جي ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان سواءِ هيءَ ساڙڻ واري قرباني هر ڪنهن سبت تي پيش ڪرڻي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

ڳاڻاٽو 28:10
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏس آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي لاءِ هڪڙو گهر ٿو جوڙيان ۽ انهيءَ کي سندس لاءِ مخصوص ٿو ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ سندس اڳيان خوشبودار لوبان ساڙڻ ۾ اچي، ۽ هميشہ نذر جي ماني کڻڻ ۾ اچي، ۽ صبح سانجهيءَ، ۽ سبت جي ڏينهن تي، ۽ نئين چنڊ جي ڏينهن تي، ۽ خداوند اسان جي خدا جي ٺهرايل عيدن تي، سوختني قربانيون چاڙهڻ ۾ اچن. اهو اسرائيل جي لاءِ هميشہ جو قانون آهي.

يعني روزمرہ جي فرض موجب، موسيٰ جي حڪمن موافق، سبت جي ڏينهن تي، ۽ نئين چنڊ تي، ۽ ٺهرايل عيدن تي، سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني اڻ خمير ٿيل مانيءَ جي عيد تي، ۽ هفتن جي عيد تي، ۽ تنبن جي عيد تي، قربانيون چاڙهيون.

اڳتي اجايا نذرانا نہ آڻيو؛ لوبان ساڙڻ ڪري مون کي نفرت ٿي اچي؛ نئين چنڊ ۽ سبت ۽ جماعتن جي گڏ ٿيڻ مان بہ، ڇالاءِ جو آءٌ گناهہ سان عيد جي جماعت برداشت ڪري نٿو سگهان.

صبح واري سوختني قرباني، جا هميشہ جي سوختني قرباني آهي، تنهن کان سواءِ اوهين اهي قربانيون پيش ڪجو.

تون هنن کي چئُہ، تہ جيڪا باهہ سان ساڙڻ واري قرباني اوهين خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا سا هيءَ آهي؛ هر روز ٻہ يڪسالا گهيٽا سوختني قربانيءَ جي لاءِ تون هميشہ چاڙهيندو رهج.

۽ سبت جي ڏينهن ٻہ يڪسالا بي عيب گهيٽا، ۽ هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جيترو ميدو تيل ۾ گڏيل، کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، ۽ انهي سان گڏ پيئڻ واري قرباني پيش ڪج:

۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ هيءَ قرباني، ڪفاري واريءَ گناهہ جي قربانيءَ، ۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ، ۽ پيئڻ واري قربانيءَ کان ڌار پيش ڪجو.

۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.

۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.

۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.

انهي کان سواءِ نئين چنڊ جي سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ انهن سان گڏ پيئڻ واريون قربانيون، اهي سڀ سندن قانون موجب پيش ڪندا رهجو، اها وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي.

ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ

ကြော်ငြာတွေ