۽ اتي يعني رحمت جي پوش جي مٿان، شاهديءَ جي صندوق تي جيڪي ٻہ ڪروبي هوندا، تن جي وچ ۾ آءٌ توکي گڏبس، ۽ جن ڳالهين بابت بني اسرائيل جي لاءِ توکي حڪم ڏيڻا هوندم، تن بابت تو سان گفتگو ڪندس.
هو اليعزر ڪاهن وٽ بيهي، جو هن جي طرفان خداوند جي حضور مان اوريم جا فيصلا پڇندو رهي: انهي جي چوڻ تي هو، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت جا ماڻهو، ٻاهر نڪرن ۽ انهي جي چوڻ تي موٽي اچن.
خداوند اسان جي مالڪ کي حڪم ڏنو هو تہ پُکا وجهي، ملڪ بني اسرائيل کي ورثي طور ورهائي ڏئي: ۽ خداوند اسان جي مالڪ کي هي بہ حڪم ڏنو هو تہ اسان جي ڀاءُ صلافحاد جو ورثو سندس ڌيئرن کي ڏنو وڃي.
۽ اُهي اليعزر ڪاهن، ۽ يشوع بن نون، ۽ سردارن جي اڳيان آيون، ۽ چوڻ لڳيون تہ خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو تہ اسان کي بہ اسان جي ڀائرن سان گڏ ورثو ملي: تنهنڪري خداوند جي حڪم موجب هن سندن پيءُ جي ڀائرن سان گڏ هنن کي ورثو ڏنو.