Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 27:21 - Sindhi Bible

21 هو اليعزر ڪاهن وٽ بيهي، جو هن جي طرفان خداوند جي حضور مان اوريم جا فيصلا پڇندو رهي: انهي جي چوڻ تي هو، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت جا ماڻهو، ٻاهر نڪرن ۽ انهي جي چوڻ تي موٽي اچن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 يشوع اليعزر ڪاهن وٽ پيو ايندو رهندو، جيڪو اليعزر جي طرفان مون خداوند جي حضور مان اُوريم ۽ ٿُميم جي ذريعي منهنجي مرضي معلوم ڪندو رهندو. اهڙيءَ طرح اليعزر اندر ٻاهر اچڻ وڃڻ ۾ يشوع ۽ سڄيءَ قوم جي رهنمائي ڪندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 27:21
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود جي ڏينهن ۾ ٽي سال ساندهہ ڏڪار پيو؛ ۽ دائود خداوند جي حضور ۾ دعا گهري. ۽ خداوند فرمايو تہ سائول جي سبب، ۽ سندس خوني گهراڻي جي سبب اهو حال ٿيو آهي، جو هن جبعونين کي قتل ڪيو.


۽ حاڪم انهن کي چيو تہ اوهين متان تمام پاڪ شين مان کائو، جيستائين ڪو ڪاهن اوريم ۽ تميم سان اتي کڙو نہ ٿئي.


۽ اُنهن کي چيائون تہ اوهان کي پاڪ ترين شين مان نہ کائڻ کپي، جيسين ڪ ڪو ڪاهن اوريم ۽ تميم سان نہ بيهي.


۽ تون عدالت جي سينہ بند ۾ اوريم ۽ تميم وجهج، ۽ جڏهن هارون خداوند جي حضور ۾ وڃي، تڏهن اهي سندس دل جي مٿان هجن، ۽ هارون هميشہ خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل جي عدالت پنهنجيءَ دل جي مٿان کڻي.


۽ هن کي سينہ بند پاتائين: ۽ سينہ بند ۾ اُريم ۽ تميم بہ وڌائين.


ڇالاءِ جو لازم آهي تہ ڪاهن جي چپن تي علم هجي، ۽ ماڻهو اُنهيءَ جي واتان شريعت جي پڇا ڪن: ڇالاءِ جو هو لشڪرن جي خداوند جو پيغمبر آهي.


جو اندر ٻاهر وڃڻ وقت هنن جي اڳيان هلي، ۽ هنن کي ٻاهر وٺي وڃڻ، ۽ اندر آڻڻ ۾ هنن جو سونهون ٿئي؛ انهي لاءِ تہ خداوند جي جماعت نڌڻڪين رڍن وانگر نہ ٿئي.


۽ اهي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ، موسيٰ، ۽ اليعزر ڪاهن، ۽ سردارن، ۽ ساريءَ جماعت جي اڳيان اچي بيٺيون، ۽ چوڻ لڳيون تہ


۽ پنهنجي ڪجهہ اختياري هن کي ڏي، تہ بني اسرائيل جي ساري جماعت هن جي فرمانبرداري ڪري.


سو موسيٰ خداوند جي حڪم موجب عمل ڪيو: ۽ يشوع کي وٺي، اليعزر ڪاهن ۽ ساري جماعت جي اڳيان بيهاريو:


تڏهن موسيٰ انهن جي دعويٰ خداوند جي حضور ۾ پيش ڪئي.


سو هاڻي خداوند تنهنجو خدا تنهنجي اڳيان پار ويندو؛ ۽ هو انهن قومن کي تنهنجي اڳيان برباد ڪندو، ۽ تون انهن تي قبضو ڪندين: ۽ يشوع تنهنجي اڳيان پار ويندو، جيئن ڪ خداوند فرمايو آهي.


لاويءَ جي بابت هن چيو تہ، تنهنجو تميم ۽ اوريم انهي خدا جي ٻانهي وٽ آهي: جنهن کي تو مسہ ۾ آزمايو، ۽ جنهن سان تو مريبہ جي چشمي وٽ جهيڙو ڪيو؛


تڏهن انهن ماڻهن هنن جي سمر مان ڪجهہ کنيو، پر خداوند کان صلاح نہ پڇيائون.


۽ يشوع جي وفات ڪرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو بني اسرائيل خداوند کان پڇيو، تہ اسان جي لاءِ ڪير پهرين ڪنعانين سان جنگ ڪرڻ لاءِ انهن تي ڪاهي وڃي؟


۽ بني اسرائيل اُٿيا ۽ بيت ايل ڏانهن ويا، ۽ خدا جي صلاح پڇيائون؛ ۽ هنن چيو تہ بني بنيمين سان وڙهڻ لاءِ اسان مان پهرين ڪير ڪاهي وڃي؟ ۽ خداوند چيو تہ يهوداہ پهرين وڃي.


(۽ بني اسرائيل وڃي شام تائين خداوند جي اڳيان رنو؛ ۽ هنن خداوند کان پڇيو ۽ چيائون تہ اسين پنهنجن ڀائرن بني بنيمين سان جنگ ڪرڻ لاءِ وري کين ويجها وڃون يا نہ؟ ۽ خداوند چيو تہ ڀلي هنن تي ڪاهي وڃو).


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اڃا سائول ڪاهن سان پئي ڳالهايو، تڏهن فلسطين جي لشڪرگاهہ ۾ جيڪو گوڙ هو سو وڌندو ويو: ۽ سائول ڪاهن کي چيو تہ پنهنجو هٿ کڻي وٺ.


۽ دائود کي خبر پيئي تہ سائول کيس نقصان پهچائڻ جي رٿ پيو ڪري: ۽ هن ابي ياتر ڪاهن کي چيو تہ افود کڻي اچ.


۽ جڏهن سائول خداوند کي سوال ڪيو تڏهن خداوند هن کي ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو، نہ خوابن جي رستي، نہ اوريم سان، نہ نبين جي وسيلي.


۽ دائود اخيملڪ جي پٽ ابي ياتر کي چيو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي افود آڻي ڏي. ۽ ابي ياتر افود دائود وٽ کڻي آيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ