Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 27:17 - Sindhi Bible

17 جو اندر ٻاهر وڃڻ وقت هنن جي اڳيان هلي، ۽ هنن کي ٻاهر وٺي وڃڻ، ۽ اندر آڻڻ ۾ هنن جو سونهون ٿئي؛ انهي لاءِ تہ خداوند جي جماعت نڌڻڪين رڍن وانگر نہ ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 جيڪو جنگ تي وڃڻ وقت ۽ موٽي اچڻ وقت هنن جي اڳيان هلي ۽ سندن اندر ٻاهر اچڻ وڃڻ ۾ سندن رهنمائي ڪري، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي قوم نڌڻڪين رڍن وانگر نہ ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 27:17
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

گذريل ڏينهن ۾ جڏهن سائول اسان جي مٿان بادشاهہ هوندو هو تڏهن تون ئي اسرائيل کي اندر ٻاهر وٺي ايندو هئين: ۽ خداوند توکي چيو تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي سنڀال ڪندين، ۽ اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ٿيندين.


۽ هن چيو تہ مون ساري اسرائيل کي جبلن جي مٿان ائين پکڙيل ڏٺو جيئن ڌنار کانسواءِ رڍون ٿينديون آهن: ۽ خداوند چيو تہ هنن جو ڌڻي ڪونهي؛ هنن مان هرڪو صحيح سلامت پنهنجي گهر هليو وڃي.


۽ هاڻي، اي خداوند منهنجا خدا، تو پنهنجي ٻانهي کي، منهنجي پيءُ دائود جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو آهي: ۽ آءٌ رڳو هڪڙو ننڍڙو ٻار آهيان؛ مون کي اها خبر نہ آهي تہ ڪيئن ٻاهر وڃان يا اندر اچان.


۽ اوهين سڀيئي پنهنجا پنهنجا هٿيار هٿ ۾ کڻي بادشاهہ جي چوڌاري بيهي وڃو؛ پوءِ جيڪو قطارن جي اندر گهڙي اچي تنهن کي ماري ڇڏجو: ۽ جڏهن بادشاهہ ٻاهر وڃي يا اندر اچي، تڏهن ساڻس رهجو.


هاڻي مون کي علم ۽ عقل ڏي تہ آءٌ ماڻهن جي اڳيان ٻاهر نڪري وڃان ۽ اندر اچان: ڇالاءِ جو تنهنجي قوم جا ههڙي وڏي آهي، تنهن جي ڪير عدالت ڪري سگهندو؟


۽ هن چيو تہ مون اسرائيل کي جبلن تي ائين پکڙيل ڏٺو جيئن نڌڻڪيون رڍون هونديون آهن: ۽ خداوند چيو تہ هنن جو ڌڻي ڪونهي؛ ڀلي تہ هو سڀ صحيح سلامت موٽي پنهنجي پنهنجي گهر هليا وڃن.


۽ هو ٽڙي پکڙي ويون، ڇالاءِ جو ڌنار ڪونہ هو: ۽ هو جهنگ جي سڀني جانورن جو قوت ٿيون ۽ ٽڙي پکڙي ويون.


ڇالاءِ تہ افرائيم ڪوڙ ڳالهايو آهي، ۽ فالن وجهندڙن ڪوڙ ڏٺو، ۽ هنن ڪوڙا خواب ٻڌايا آهن، ۽ هنن جي دلداري اجائي آهي: انهيءَ ڪري هو رڍن وانگر رُلي ويا آهن ۽ ڏک سَٺا اٿن، ڇالاءِ جو هنن جو ڪو ريڍار ڪونهي.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اي ترار منهنجي ريڍار جي، يعني انهيءَ انسان جي، جو منهنجو رفيق آهي، تنهن جي برخلاف اُٿ، ۽ ريڍار کي ڌڪ هڻ، تہ رڍون ڇڙوڇڙ ٿي وڃن: ۽ آءٌ ننڍن تي بہ هٿ هلائيندس.


بلڪ اسرائيل جي گهراڻي جون رڍون جيڪي گمراهہ ٿي ويون آهن، تن وٽ وڃو.


پر هن ورندي ڏيئي چيو تہ آئون رڳو اسرائيل جي گهراڻي جي گم ٿيل رڍن لاءِ موڪليو ويو آهيان.


پر جڏهن هن ميڙاڪا ڏٺا، تڏهن مٿن رحم آيس، ڇالاءِ جو هو نڌڻڪين رڍن وانگر رليل ۽ پريشان هئا.


پوءِ هو لهي آيو ۽ ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو ڏٺائين، ۽ هن کي مٿن رحم آيو، ڇالاءِ تہ هو نڌڻڪين رڍن وانگر هئا؛ ۽ هو کين گهڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو.


آئون دروازو آهيان: جيڪو مون مان اندر گهڙندو، سو بچي پوندو، ۽ اندر ٻاهر ايندو ويندو ۽ چارو ملندس.


۽ انهن کي چيائين، تہ اڄ منهنجي عمر هڪ سؤ ويهن ورهين جي آهي، هاڻي آءٌ اندر ٻاهر اچي وڃي نٿو سگهان: ۽ خداوند مون کي چيو آهي، تہ تون هن يردن جي پرئين ڀر نہ ويندين.


ڇالاءِ جو پهرين اوهين رڍن وانگر رُلي ويا هئا؛ پر هاڻي پنهنجن روحن جي ڌنار ۽ نگهبان (بشپ) وٽ موٽي آيا آهيو.


تنهنڪري سائول هن کي پاڻ وٽان ڪڍي ڇڏيو، ۽ هن کي هڪڙي هزار جو سردار کڻي ڪيو هئائين؛ ۽ هو ماڻهن جي روبرو ايندو ويندو هو.


تہ اسين بہ ٻين قومن جهڙا ٿيون؛ ۽ اسان جو بادشاهہ اسان تي حڪم هلائي، ۽ اسان جي اڳيان نڪري هلي، ۽ اسانجين جنگين ۾ وڙهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ