Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 27:16 - Sindhi Bible

16 خداوند، سڀني جانين جي روحن جو خدا، هن جماعت جي مٿان ڪنهن ماڻهوءَ کي مقرر ڪري،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 ”اي خداوند خدا! تون جيڪو زندگيءَ جو سرچشمو آهين، هن قوم جي مٿان ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي مقرر ڪر،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 27:16
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏس، منهنجو ارادو آهي تہ جيئن خداوند منهنجي پيءُ دائود کي چيو هو تہ تنهنجو پٽ جنهن کي آءٌ تنهنجي بجاءِ تخت تي ويهاريندس، سو منهنجي نالي تي گهر جوڙيندو، تيئن آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي تي هڪڙو گهر جوڙيان.


۽ اوهين سڀيئي پنهنجا پنهنجا هٿيار هٿ ۾ کڻي بادشاهہ جي چوڌاري بيهي وڃو؛ پوءِ جيڪو قطارن جي اندر گهڙي اچي تنهن کي ماري ڇڏجو: ۽ جڏهن بادشاهہ ٻاهر وڃي يا اندر اچي، تڏهن ساڻس رهجو.


۽ مٽي زمين ۾ موٽندي جيئن اصل هئي، ۽ روح خداوند وٽ موٽندو، جنهن ڏنو هو.


۽ آءٌ اوهان کي پنهنجي مرضيءَ پٺيان اهڙا ڌنار ڏيندس جي اوهان کي علم ۽ سمجهہ سان چاريندا.


ڏس، آءٌ خداوند، سڀني انسانن جو خدا آهيان: منهنجي لاءِ ڪو ڪم مشڪل آهي ڇا؟


تڏهن صدقياہ بادشاهہ يرمياہ وٽ ڳجهيءَ طرح قسم کڻي چيو، تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، جنهن اسان جو هيءُ ساهہ جوڙيو آهي، تہ آءٌ توکي نہ ماريندس نڪي توکي انهن ماڻهن جي هٿ ۾ ڏيندس جي تنهنجي ساهہ جا ڳولائو آهن.


ڏسو سڀ جانيون منهنجيون آهن، جهڙي پيءُ جي جان، تهڙي پٽ جي جان منهنجي آهي: جيڪا جان گناهہ ڪندي سا مرندي.


۽ آءٌ هنن تي هڪڙو ڌنار مقرر ڪندس ۽ اُهو انهن کي چاريندو، يعني پنهنجو ٻانهو دائود؛ اُهو هنن کي چاريندو ۽ اُهو هنن جو ڌنار ٿيندو.


۽ منهنجو ٻانهو دائود هن جي مٿان بادشاهہ ٿيندو؛ ۽ هنن سڀني جو هڪڙو ڌنار ٿيندو؛ هو منهنجن حڪمن تي بہ هلندا، ۽ منهنجي قانونن جي سنڀال ڪندا، ۽ انهن تي عمل ڪندا.


تڏهن اهي سجدو ڪري چوڻ لڳا تہ اي خدا، سڀني جانين جي روحن جا خدا، هڪڙي ماڻهوءَ جي گناهہ ڪري، تون ساري جماعت تي ڪاوڙبين ڇا؟


تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ


تنهنڪري اوهين فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو، تہ هو پنهنجي فصل جي لاءِ پورهيت ڏياري موڪلي.


چڱو ريڍار آئون آهيان: چڱو ريڍار رڍن لاءِ پنهنجي جان ٿو ڏئي.


اوهين پنهنجي ۽ اُنهي ساري ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن جو پاڪ روح اوهان کي نگهبان مقرر ڪيو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رهجو، جا هن خاص پنهنجي رت سان خريد ڪئي.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ڏس تنهنجي مرڻ جا ڏينهن ويجها آيا آهن: سو تون يشوع کي سڏ ۽ اوهين جماعت واري تنبوءَ ۾ وڃي حاضر ٿيو، تہ آءٌ هن کي حڪم ڏيان. تنهن تي موسيٰ ۽ يشوع وڃي جماعت واري تنبوءَ ۾ حاضر ٿيا.


تنهن کانسواءِ جي جسماني پيءُ اسان کي سيکت ڏيندا هئا تہ اسين انهن جي تعظيم ڪندا هئاسين؛ تڏهن روحن جي پيءُ جي اسين وڌيڪ تابعداري نہ ڪريون ڇا تہ جيئرا رهون؟


تنهنڪري هاڻي اُهو بادشاهہ ڏسو، جنهن کي اوهان پسند ڪيو آهي، ۽ جو اوهان گهري ورتو آهي: ۽ ڏسو، خداوند هڪڙو بادشاهہ اوهان تي مقرر ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ