Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 27:14 - Sindhi Bible

14 ڇالاءِ جو صين جي بيابان ۾، جڏهن جماعت مون سان جهيڙو ڪيو، تڏهن اوهان هنن جي روبرو منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي، پر پاڻيءَ جي چشمي وٽ اوهان منهنجي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو. (هي اهو قادس وارو مريبہ جو چشمو آهي، جو صين جي بيابان ۾ آهي.)

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 ڇاڪاڻ تہ صين جي بيابان ۾ اوهين ٻيئي منهنجي حڪم جي خلاف هليا. جڏهن سڄيءَ قوم پاڻيءَ جي چشمي مريباہ وٽ منهنجي خلاف بغاوت ڪئي، تڏهن اوهان هنن جي اڳيان منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي.“ صين جي بيابان ۾ قادش وٽ مريباہ نالي پاڻيءَ جو هڪ چشمو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 27:14
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن انهيءَ جاءِ جو نالو مساہ ۽ مريباہ رکيو؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل اتي ساڻس وڙهيا هئا، ۽ هنن اتي خداوند کي آزمايو هو، ۽ چيو هئائون تہ ڏسون تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي يا نہ؟


سو هو روانا ٿيا ۽ سين جي بيابان کان وٺي رحوب تائين، جو جمات جي واٽ تي آهي، سڄي ملڪ جي جاسوسي ڪيائون؛


پوءِ بني اسرائيل جي ساري جماعت، پهرئين مهيني ۾ صين جي بيابان ۾ آئي؛ ۽ ماڻهو قادس ۾ رهي پيا؛ ۽ مريم اتي وفات ڪئي، ۽ اتي ئي دفن ڪئي ويئي.


هارون پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبو: ۽ جيڪو ملڪ مون بني اسرائيل کي ڏنو آهي، تنهن ۾ هو داخل ڪين ٿيندو، ڇالاءِ جو اوهان مريبہ جي چشمي وٽ منهنجي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو.


ڇو اوهان اسان کي مصر مان ڪڍي هن خراب هنڌ آندو آهي؟ هيءَ زمين پوک جي يا انجيرن، يا ڊاک جي، يا ڏاڙهن جي لائق آهي ڇا؟ هتي تہ پيئڻ لاءِ پاڻي بہ ڪونهي.


تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ


اوهين جي ضدي، ۽ دل ۽ ڪَنن جا نامختون آهيو، سي هميشہ پاڪ روح جو مقابلو ٿا ڪريو، جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا، تيئن اوهين بہ ٿا ڪريو.


۽ اوهان جي ئي ڪري خداوند مون تي بہ ڪاوڙيو، ۽ چيائين، تون بہ انهيءَ زمين ۾ داخل ڪين ٿيندين:


سو آءٌ ضرور هن ملڪ ۾ مرندس، ۽ يردن جي پرئين ڀر نہ ويندس: پر اوهين وڃي انهي چڱي ملڪ تي قبضو ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ