Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 27:11 - Sindhi Bible

11 پر جيڪڏهن هن جي پيءُ کي بہ ڪو ڀاءُ نہ هجي، تہ پوءِ هن جي خاندان ۾ جيڪو سندس سڀني کان ويجهو مائٽ هجي، تنهن کي انهي جو ورثو ڏجو: اهو بني اسرائيل جي لاءِ انصاف جو قانون ٿيندو، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 پر جيڪڏهن کيس ڪو چاچو بہ نہ هجي تہ پوءِ جيڪو سندس سڀني کان ويجھو مائٽ هجي، تنهن کي انهيءَ جو ورثو ڏنو وڃي. اهو ئي سندس وارث ٿيندو. اهو بني اسرائيل جي لاءِ شرعي فرض ٿيندو، جيئن مون خداوند تو کي فرمايو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 27:11
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن منهنجي چاچي جو پٽ حنم ايل خداوند جي ڪلام موجب پهري وارن جي ايوان ۾ مون وٽ آيو، ۽ مون کي چيائين تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ جيڪا منهنجي ٻني عنتوت ۾ آهي، ۽ جا بنيمين جي زمين آهي، سا خريد ڪر، ڇالاءِ جو موروثي حق ۽ خريداريءَ جو حق تنهنجو آهي؛ سو اُها پنهنجي لاءِ خريد ڪر. تڏهن مون کي معلوم ٿيو تہ اهو خداوند جو ڪلام هو.


جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ غريب ٿي ويو هجي، ۽ ملڪيت مان ڪجهہ کڻي وڪڻي، تہ هن جو ويجهو مائٽ اچي، ۽ جيڪي سندس ڀاءُ وڪيو هجي سو ڇڏائي.


هن جو چاچو، يا هن جو سوٽ، يا هن جي خاندان مان ڪوبہ ويجهو مائٽ هن کي ڇڏائي ٿو سگهي؛ يا جي هو پاڻ شاهوڪار ٿئي، تہ پاڻ کي ڇڏائي سگهندو.


پر جيڪڏهن هن کي ڀاءُ بہ نہ هجي، تہ پوءِ انهي جو ورثو سندس چاچن کي ڏجو.


اهي ڳالهيون اوهان لاءِ اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ ۽ اوهان جي سڀني رهڻ جي هنڌن ۾ فيصلي جو قانون ٿينديون.


۽ هيئن ٿيو تہ انهي ڏينهن کان وٺي اهو هڪڙو قاعدو ۽ دستور ڪري ڇڏيو ويو، جو اسرائيل ۾ اڄ ڏينهن تائين هليو اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ