Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 26:55 - Sindhi Bible

55 انهي هوندي بہ پُکا وجهي زمين ورهائجي: انهن کي سندن اباڻن قبيلن جي نالن موجب ورثو ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

55 البت زمين جي ورهاست لاءِ پُکا وڌا وڃن. سڀني کي سندن اباڻن قبيلن جي نالن موجب حصو ڏنو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 26:55
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪڻو جهوليءَ ۾ اُڇلايو ٿو وڃي؛ پر انهيءَ جو انتظام خدا وٽان آهي.


ڪڻي وجهڻ ڪري تڪرار بند ٿي وڃن ٿا، ۽ زور وارن جي وچ ۾ فيصلو ٿئي ٿو.


۽ هيئن ٿيندو تہ اها اوهين ڪُڻا وجهي ورثو ڪري ورهائجو، ۽ جيڪي پرديسي اوهان ۾ رهندڙ هجن، ۽ جي اوهان منجهہ رهي اولاد پيدا ڪن، تن کي بہ ڏجو؛ ۽ اُهي اوهان جي لاءِ بني اسرائيل ۾ گهر ڄاولن وانگر ٿيندا؛ انهن کي اوهان سان گڏ اسرائيل جي فرقن منجهہ ورثو ملندو.


گهڻن ماڻهن جو قبيلو هجي توڙي ٿورن ماڻهن جو، پر پُکا وجهي سندن ورثو ورهائڻ گهرجي.


۽ اوهين اهو ملڪ پُکا وجهي، پنهنجن گهراڻن موجب ورثي طور ورهائي کڻجو؛ گهڻن کي گهڻو ورثو ڏجو، ۽ ٿورن کي ٿورو ورثو ڏجو: جنهن ماڻهو جي نالي، جنهن هنڌ جو پُکو پوي، اهو هنڌ انهي کي ڏنو وڃي؛ اوهان جي ابن ڏاڏن جي قبيلن موجب اوهان کي ورثو ملندو.


پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي حڪم ڏيئي چيو، تہ جيڪو ملڪ اوهين پُکا وجهي ورهائي ورثي ۾ کڻندا، ۽ جنهن جي بابت خداوند حڪم ڪيو آهي، تہ انهن نوَن قبيلن ۽ اڌ قبيلي کي ڏئي سو اهو آهي:


خداوند اسان جي مالڪ کي حڪم ڏنو هو تہ پُکا وجهي، ملڪ بني اسرائيل کي ورثي طور ورهائي ڏئي: ۽ خداوند اسان جي مالڪ کي هي بہ حڪم ڏنو هو تہ اسان جي ڀاءُ صلافحاد جو ورثو سندس ڌيئرن کي ڏنو وڃي.


پوءِ انهن جي لاءِ پُکا وڌائون؛ ۽ پُکو متياهہ جي نالي نڪتو؛ تڏهن اهو انهن يارهن رسولن ۾ شامل ٿيو.


۽ پيءُ جا شڪرانا ڪندا رهو، جنهن اسان کي انهي لائق ڪيو تہ روشنيءَ ۾ پاڪ ٿيلن سان گڏ ورثي جا حصيدار ٿيون.


انهي طرح جيڪي بہ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، ان موجب يشوع سڄو ملڪ هٿ ڪيو؛ ۽ يشوع اُهو بني اسرائيل کي سندن قبيلن ۽ فرقن موجب، ورثي طور ڏيئي ڇڏيو. پوءِ انهيءَ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.


اهو ورثو ڪڻن وجهڻ سان ورهايو ويو هو، جيئن خداوند موسيٰ جي معرفت انهن نوَن فرقن ۽ اڌ فرقي کي ڏيڻ جي لاءِ حڪم ڪيو هو.


۽ بني يوسف يشوع کي چيو تہ تو ڇو اسان کي فقط هڪڙو حصو، ۽ هڪڙو ڪڻو ورثي ۾ ڏنو، جڏهن ڏٺو اٿيئي تہ اسين وڏي قوم آهيون، ڇالاءِ جو خداوند اسان ۾ هيستائين برڪت پئي وڌي آهي؟


تنهنڪري اوهين انهيءَ ملڪ جا ست حصا ڪريو، ۽ اُهو بيان لکي مون وٽ کڻي اچو تہ آءٌ هتي، خداوند اسان جي خدا جي اڳيان اوهان جي لاءِ ڪڻا وجهان.


۽ ٻئي ڪڻي وارو حصو شمعون جي لاءِ نڪتو، يعني بني شمعون جي فرقي لاءِ، سندن قبيلن موجب: ۽ انهيءَ جو موروثي حصو بني يهوداہ جي موروثي حصي جي وچ ۾ هو.


۽ ٽئين ڪڻي وارو حصو بني زبولون لاءِ سندن قبيلن موجب نڪتو: ۽ انهن جي موروثي حصي جي حد ساريد تائين هئي:


چوٿين ڪڻي وارو حصو اشڪار لاءِ نڪتو، يعني بني اشڪار لاءِ، سندن قبيلن موجب.


۽ پنجين ڪڻي وارو حصو بني آشر جي لاءِ سندن قبيلن موجب نڪتو.


ڇهين ڪڻي وارو حصو بني نفتاليءَ جو نڪتو، يعني بني نفتاليءَ جو سندن قبيلن موجب.


ستين ڪڻي وارو حصو بني دان جو نڪتو، سندن قبيلن موجب.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ