Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 26:54 - Sindhi Bible

54 جنهن قبيلي ۾ گهڻا ماڻهو هجن، تنهن کي گهڻو ورثو ملي، ۽ جنهن قبيلي ۾ ٿورا ماڻهو هجن، تنهن کي ٿورو ورثو ملي: هرهڪ قبيلي کي سندس شمار ڪيل ماڻهن موجب ورثو ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

54 جنهن قبيلي ۾ گھڻا ماڻهو هجن تنهن کي گھڻو حصو ۽ جنهن قبيلي ۾ ٿورا ماڻهو هجن تنهن کي ٿورو حصو ڏنو وڃي. مطلب تہ هر هڪ قبيلي کي سندس شمار ڪيل ماڻهن موجب حصو ڏنو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 26:54
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن کي ئي سندن نالن جي شمار موجب اها زمين ورثي طور ورهائجي ملي.


عطارات، ۽ ديبون، ۽ يعزير، ۽ نمرہ، ۽ حسبون، ۽ اليعا ۽ شبام، ۽ نبو، ۽ بعون جو ملڪ،


سو جيڪڏهن اسان تي تنهنجي مهر جي نظر آهي، تہ هي ملڪ تنهنجن ٻانهن کي موروثي ملڪيت ڪري ڏيئي ڇڏ؛ اسان کي يردن جي پرئين ڀر نہ لنگهاءِ.


۽ اوهين اهو ملڪ پُکا وجهي، پنهنجن گهراڻن موجب ورثي طور ورهائي کڻجو؛ گهڻن کي گهڻو ورثو ڏجو، ۽ ٿورن کي ٿورو ورثو ڏجو: جنهن ماڻهو جي نالي، جنهن هنڌ جو پُکو پوي، اهو هنڌ انهي کي ڏنو وڃي؛ اوهان جي ابن ڏاڏن جي قبيلن موجب اوهان کي ورثو ملندو.


۽ جيڪي شهر اوهين ڏيو، سي بني اسرائيل جي موروثي ملڪيت مان هجن، گهڻن کان گهڻا وٺجو؛ ۽ ٿورن کان ٿورا وٺجو: هر ڪنهن کي جيڪو ورثو ملي تنهن موجب پنهنجن شهرن مان لاوين کي ڏئي.


۽ بني يوسف يشوع کي چيو تہ تو ڇو اسان کي فقط هڪڙو حصو، ۽ هڪڙو ڪڻو ورثي ۾ ڏنو، جڏهن ڏٺو اٿيئي تہ اسين وڏي قوم آهيون، ڇالاءِ جو خداوند اسان ۾ هيستائين برڪت پئي وڌي آهي؟


بني شمعون جو ورثو بني يهوداہ واري حصي منجهان هو؛ ڇالاءِ جو بني يهوداہ وارو حصو سندن لاءِ گهرج کان وڌيڪ هو: تنهنڪري بني شمعون کي پنهنجو ورثو هنن جي موروثي حصي جي وچ ۾ مليو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ