52 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ
52 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
سو بني اسرائيل مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي سڀ ڇهہ لک هڪ هزار ست سؤ ۽ ٽيهہ ٿيا.
انهن کي ئي سندن نالن جي شمار موجب اها زمين ورثي طور ورهائجي ملي.
پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي حڪم ڏيئي چيو، تہ جيڪو ملڪ اوهين پُکا وجهي ورهائي ورثي ۾ کڻندا، ۽ جنهن جي بابت خداوند حڪم ڪيو آهي، تہ انهن نوَن قبيلن ۽ اڌ قبيلي کي ڏئي سو اهو آهي:
انهي طرح جيڪي بہ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، ان موجب يشوع سڄو ملڪ هٿ ڪيو؛ ۽ يشوع اُهو بني اسرائيل کي سندن قبيلن ۽ فرقن موجب، ورثي طور ڏيئي ڇڏيو. پوءِ انهيءَ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.
اهو ورثو ڪڻن وجهڻ سان ورهايو ويو هو، جيئن خداوند موسيٰ جي معرفت انهن نوَن فرقن ۽ اڌ فرقي کي ڏيڻ جي لاءِ حڪم ڪيو هو.