جن ماڻهن جي عمر ويهہ سال ۽ انهي کان وڌيڪ هئي، ۽ شمار ٿيندڙن ۾ داخل ٿيا هئا، تن جو تعداد ڇهہ لک ٽي هزار ۽ ساڍا پنج سؤ هو: انهن مان هر ڪنهن ماڻهوءَ هڪ بقع، يعني عبادتگاهہ جي مشقال جهڙو اڌ مشقال ڏنو هو.
بني اسرائيل مان سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب جن جو شمار ڪيو ويو، سي اهي آهن، يعني منزلگاهن مان جن جو سندن لشڪرن موجب شمار ڪيو ويو، سي مڙيئي ڇهہ لک ٽي هزار پنج سؤ ۽ پنجاهہ هئا؛