Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 26:5 - Sindhi Bible

5 روبن، جيڪو اسرائيل جو پهريتو پٽ هو، تنهن جا پٽ هي آهن؛ حنوڪ، جنهن کان حنوڪين جو گهراڻو شروع ٿيو: فلو، جنهن کان فلوئين جو گهراڻو شروع ٿيو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 روبن جيڪو اسرائيل جو پهريتو پٽ هو تنهن جي قبيلي مان حنُوڪ جو نسل، فلو جو نسل،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 26:5
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ لياہ حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس، ۽ انهيءَ جو نالو روبن رکيائين: ڇالاءِ جو هن چيو تہ خداوند منهنجي ڏک تي نظر ڪئي آهي، هاڻي منهنجو مڙس مون کي پيار ڪندو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسرائيل انهيءَ ملڪ ۾ رهيو پيو هو، تڏهن روبن پنهنجي پيءُ جي سريت بلهاہ سان وڃي ستو، ۽ اسرائيل کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي.


هاڻي يعقوب کي ٻارهن پٽ هئا: روبن، جو يعقوب جو وڏو پٽ هو، تنهن کان سواءِ شمعون، لاوي، يهوداہ، اشڪار ۽ زبولون.


۽ روبن، جو اسرائيل جو پهريون ڄاول ٻار هو، تنهن جا پٽ، (ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ هو پهريون ڄاول ٻار هو، تہ بہ پنهنجي پيءُ جي بستري پليت ڪرڻ ڪري هن جي ڄم ڄائي جو حق، اسرائيل جي پٽ يوسف جي پٽن کي ڏنو ويو، ۽ انهيءَ جو نسب نامو ڄم ڄائي جي حق موجب نہ ورتو ويو.


اسرائيل جي پهرين ڄاول ٻار روبن جا پٽ؛ حنوڪ ۽ فلو، حصرون ۽ ڪرمي.


هنن جي اباڻن خاندانن جا سردار هي آهن: اسرائيل جي پهريتي پٽ روبن جا پٽ؛ حنوڪ، فلو، حسرون ۽ ڪرمي، اهي روبن جا گهراڻا هئا.


اسرائيل جي پهريتي پٽ روبن جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛


جيئن خداوند موسيٰ کي، ۽ جيڪي بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪتا هئا، تن کي حڪم ڪيو هو، تيئن هاڻي بہ اوهان مان جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هجي، تن جو شمار ڪريو.


حصرون، جنهن کان حصرونين جو گهراڻو شروع ٿيو: ڪرمي، جنهن کان ڪرمين جو گهراڻو شروع ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ