Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 26:28 - Sindhi Bible

28 يوسف جا پٽ ۽ سندن گهراڻا: منسي ۽ افرائيم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 يوسف جا قبيلا، سندس ٻنهي پٽن منسي ۽ افرائيم منجھان هي هئا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 26:28
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مصر جي ملڪ ۾ يوسف مان منسي ۽ افرائيم پيدا ٿيا، جي اون شهر جي ڪاهن فوطيفرع جي ڌيءَ آسناٿ مان پيدا ٿيا.


هاڻي تنهنجا ٻہ پٽ، جي آءٌ تو وٽ مصر جي ملڪ ۾ آيس تنهن کان اڳي تو مان پيدا ٿيا آهن، سي منهنجا آهن: جيئن روبن ۽ شمعون منهنجا آهن، تيئن افرائيم ۽ منسي بہ منهنجا ٿيندا.


۽ منسيءَ جي اڌ فرقي وارا ماڻهو انهيءَ زمين ۾ رهڻ لڳا: هو وڌي بسن کان بعل حرمون، ۽ سنير، ۽ حرمون جبل تائين آيا.


منسيءَ جا پٽ؛ اسري ايل، جنهن کي سندس زال ڄڻيو: (سندس سريت، جا ارامي هئي، تنهن کي مڪير ڄائو، جو جلعاد جو پيءُ هو:


۽ منسي جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛


زمين جي قيمتي شين ۽ انهيءَ جي ڀرپورائيءَ جي، ۽ جيڪو ٻوڙي ۾ هو تنهن جي خير خواهيءَ جي برڪت شل يوسف جي مٿي تي اچي، يعني جيڪو پنهنجي ڀائرن کان ڌار هو، تنهن جي مٿي جي چوٽيءَ تي شل انهن سڀني شين جي برڪت نازل ٿئي.


ڇالاءِ جو يوسف جي ٻن پٽن، منسي ۽ افرائيم جا ٻہ فرقا هئا: ۽ هنن انهيءَ ملڪ ۾ لاوين کي ڪوبہ حصو ڪونہ ڏنو، سواءِ شهرن جي، ۽ چاري جي لاءِ زمين، تہ اُتي پاڻ بہ رهن، ۽ پنهنجو مال بہ چارين، ۽ پنهنجو قوت گذران بہ ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ