22 اهي آهن بني يهوداهہ جا گهراڻا. انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ڇاهتر هزار ۽ پنج سؤ ٿيا.
22 بني يهوداہ جي انهن نسلن جي مردن جو تعداد ڇاهتر هزار پنج سؤ هو.
اي يهوداہ، تنهنجا ڀائر تنهنجي ساراهہ ڪندا: تنهنجو هٿ تنهنجن دشمنن جي ڳچيءَ تي رهندو؛ تنهنجي پيءُ جا پٽ تنهنجي اڳيان ڪنڌ نمائيندا.
ڇالاءِ جو يهوداہ پنهنجن ڀائرن کان زور وٺي ويو، ۽ انهيءَ مان سردار ٿيو؛ پر ڄائي ڄم جو حق يوسف جو هو:)
شل خداوند اوهان کي، ۽ اوهان جي اولاد کي وڌائيندو وڃي.
فارص جا پٽ هي آهن؛ حصرون، جنهن کان حصرونين جو گهراڻو شروع ٿيو: حمول، جنهن کان حمولين جو گهراڻو شروع ٿيو.
ڇالاءِ جو اها ڳالهہ ظاهر آهي، تہ اسان جو خداوند يهوداهہ جي قبيلي مان آهي، جنهن قبيلي بابت موسيٰ ڪاهنن جي نسبت ۾ ڪي ڪين چيو.