Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 26:11 - Sindhi Bible

11 تہ بہ قورح جا پٽ ڪين مئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 پر قورح جا پٽ ڪونہ ماريا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 26:11
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مرايوت کي امرياہ ڄائو، ۽ امرياہ کي اخيطوب ڄائو؛


۽ سلوم بن قوري، بن ابي آسف، بن قورح، ۽ انهيءَ جا ڀائر سندس پيءُ جي گهراڻي مان. يعني قورحي، عبادت جي ڪم جي نظرداري ڪندا هئا، ۽ تنبوءَ جي دروازن جا نگهبان هوندا هئا: ۽ انهن جا ابا خداوند جي لشڪرگاهہ جي نظرداري ڪندا هئا، ۽ اندر گهڙڻ واري در جا نگهبان هوندا هئا؛


اي خدا جيئن هرڻي پاڻيءَ جي چشمن لاءِ سڪي ٿي، تيئن منهنجي جان بہ تو لاءِ پيئي سڪي.


اي خدا اسان پنهنجن ڪنن سان ٻڌو آهي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن اسان کي ٻڌايو آهي، تہ سندن ڏينهن ۾، ۽ قديم زماني ۾ تو ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا آهن.


منهنجي دل هڪڙي چڱي مضمون سان ٽمٽار آهي: جيڪي مون بادشاهہ جي بابت ٺاهيو آهي تنهنجو آءٌ بيان ٿو ڪريان: منهنجي زبان هڪڙي قابل ڪاتب جو قلم آهي.


خدا اسان جي پناهہ ۽ زور آهي، ۽ مصيبت جي وقت ڏاڍو هڪيو مددگار آهي.


اي سڀ قومون تاڙيون وڄايو، فتح جي آواز سان خدا لاءِ خوشي ڪريو.


اسان جي خدا جي شهر ۾، ۽ پنهنجي پاڪ جبل تي، خداوند عظيم آهي، ۽ وڏيءَ تعريف جي لائق آهي.


اي سڀ قومون هيءَ ڳالهہ ٻڌو؛ اي دنيا جا سڀ رهاڪو اوهين ڪن ڏيو.


خدا، هائو، خداوند خدا فرمايو آهي، ۽ اُڀرندي کان اُلهندي تائين دنيا کي سڏيو اٿس.


قورح جا پٽ؛ آسير، القاناہ ۽ ابياسف هئا؛ اهي قورح جا گهراڻا آهن.


ان موجب هو قورح، داتن ۽ ابيرام جي تنبن کان هٽي پري ٿيا، ۽ داتن ۽ ابيرام نڪري اچي پنهنجن تنبن جي در تي بيٺا، ۽ سندن زالون، ۽ سندن پٽ، ۽ سندن ننڍڙا ٻار بہ ساڻن گڏ هئا.


۽ زمين پنهنجو وات پٽيو، ۽ هنن کي، هنن جي گهر ٻار کي، ۽ جن ماڻهن جو قورح سان واسطو هو، تن سڀني کي، سندن مال متاع سميت ڳهي ويئي.


انهيءَ طرح هو، ۽ ٻيا جيڪي سندن هئا، سي سڀ جيئري ئي وڃي اوڙاهہ ۾ پيا؛ پوءِ زمين انهن جي مٿان پورجي ويئي، ۽ اهي جماعت منجهان نابود ٿي ويا.


پوءِ هن قورح ۽ سندس سڄي ٽوليءَ کي چيو تہ سڀاڻي صبح جو خداوند پاڻيهي ڏيکاريندو تہ ڪير سندس آهي، ۽ ڪير پاڪ آهي، ۽ ڪنهن کي هو پاڻ وٽ ٿو سڏي؛ ڇالاءِ تہ جنهن کي هو پسند ڪندو، تنهن کي ئي پاڻ وٽ سڏيندو.


شمعون جا پٽ ۽ سندن گهراڻا: نموايل، جنهن کان نموئيل جو گهراڻو شروع ٿيو: يمين، جنهن کان يمينين جو گهراڻو شروع ٿيو: يڪين، جنهن کان يڪينن جو گهراڻو شروع ٿيو:


۽ روبن جي پٽ الياب جي پٽن داتن ۽ ابيرام جو ڪهڙو حال ڪيائين؟ ڪيئن زمين پنهنجو وات پٽيو، ۽ انهن کي، ۽ انهن جي گهر ٻار کي، ۽ انهن جي تنبن کي، ۽ جن ساهوارن جو انهن سان واسطو هو، تن سڀني کي اسرائيل جي وچ مان ڳهي ويئي:


پٽ جي بدلي پيءُ ماريو نہ وڃي، نڪي پيءُ جي بدلي پٽ ماريو وڃي: هرڪو ماڻهو پنهنجي ئي گناهہ جي لاءِ ماريو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ