9 ۽ جيڪي طاعون ۾ مئا سي چوويهہ هزار هئا.
9 پر اها وبا اڳ ۾ ئي چوويهہ هزار ماڻهو ماري چڪي هئي.
تڏهن خداوند صبح کان وٺي مقرر ڪيل وقت تائين اسرائيل تي وبا موڪلي: ۽ دان کان وٺي بيرسبع تائين ستر هزار ماڻهو مري ويا.
۽ جيڪو گابو هارون جوڙيو هو، تنهن جي جوڙڻ ڪري، خداوند انهن تي آفت آندي.
يعني اهي ماڻهو جن انهي ملڪ بابت خراب خبر آندي هئي، سي خداوند جي حضور ۾ طاعون سان مري ويا.
۽ هو، مئلن ۽ جيئرن جي وچ ۾ بيهي رهيو، تڏهن طاعون بند ٿي ويو.
۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ
۽ طاعون کان پوءِ هيئن ٿيو، جو خداوند موسيٰ، ۽ هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر کي فرمايو، ۽ چيائين تہ
ڏسو، انهن ئي بلعام جي چوڻ تي، فغور واريءَ ڳالهہ ۾، خداوند جي برخلاف، بني اسرائيل کي گنهگار ڪيو، جنهن ڪري خداوند جي جماعت ۾ طاعون پيو.
نڪي اسان کي زناڪاري ڪرڻ کپي، جيئن هنن مان ڪن ڪئي، ۽ پوءِ هڪڙي ئي ڏينهن ٽيويهہ هزار مارجي ويا.