Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 25:8 - Sindhi Bible

8 ۽ انهي اسرائيلي ماڻهوءَ جي پٺيان تنبوءَ ۾ وڃي انهن ٻنهي، يعني انهي اسرائيلي مرد، ۽ انهيءَ زال جو پيٽ ونڌي ڇڏيائين. انهيءَ طرح بني اسرائيل مان طاعون بند ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 ۽ انهيءَ مرد جي پٺيان قبي واري هڪ تنبوءَ ۾ گھڙيو، جتي هن انهن ٻنهي، يعني انهيءَ مرد ۽ ان عورت جي پيٽ ۾ اُهو ڀالو ٽُنبي ڏنو. اهڙيءَ طرح بني اسرائيل منجھان وبا ختم ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 25:8
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن سائول ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا، ضلع ۾ بنيمين جي ملڪ ۾، ۽ سندس پيءُ قيس جي قبر ۾ دفن ڪيا: ۽ جيڪو بادشاهہ حڪم ڪيو سو هنن بجا آندو. ۽ انهيءَ کان پوءِ ملڪ جي لاءِ خدا دعا ٻڌي.


۽ اتي دائود خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي ۽ سوختنيون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائين. انهيءَ طرح ملڪ جي لاءِ خداوند کان دعا گهري ويئي، ۽ وبا اسرائيل تان دفع ٿي.


تڏهن دائود ارنان کي چيو تہ مون کي پنهنجو اَن ڳاهڻ وارو پڙ ڏي، تہ آءٌ انهيءَ تي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيان: تون انهيءَ لاءِ مون کان پوري قيمت وٺ، تہ شل وبا خلق تان ٽري.


هن سان منهنجو عهد زندگيءَ ۽ سلامتيءَ جو هو: ۽ مون هن کي زندگي ۽ سلامتي انهيءَ لاءِ بخشي تہ هو منهنجو ڊپ رکي، ۽ سچ پچ هو مون کان ڊنو ۽ منهنجي نالي جي تعظيم ڪيائين.


جيڪو ماڻهو خداوند جي خيمي جي ويجهو ٿو اچي، سو مري ٿو: اسين سڀ نابود ٿي وينداسين ڇا؟


فينحاس، بن اليعزر، بن هارون ڪاهن، منهنجي ڪاوڙ بني اسرائيل تان ٽاري آهي، ڇالاءِ جو اهو ئي هنن مان منهنجيءَ غيرت جي ڪري غيرتمند ٿيو، انهي ڪري مون بني اسرائيل کي پنهنجيءَ غيرت سببان نابود نہ ڪيو.


تڏهن موسيٰ اسرائيلين جي قاضين کي چيو، تہ اوهان جي ماڻهن مان جيڪي بعل فغور کي پوڄڻ لڳا آهن تن کي قتل ڪري ڇڏيو.


۽ انهي جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍڳ رکي ڇڏيائون، جو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي؛ انهيءَ طرح خداوند پنهنجي ڪاوڙ جي سختيءَ کان ڦريو، انهي ڪري انهي هنڌ جو نالو عڪور جي وادي رکيائون، جو اڄ ڏينهن تائين هليو اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ