Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 25:3 - Sindhi Bible

3 انهي طرح اسرائيلي بعل فغور کي پوڄڻ لڳا: ۽ خداوند کي اسرائيل تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اهڙيءَ طرح بني اسرائيل موآبين جي پعور واري بعل معبود جي پوڄا ڪرڻ لڳا. سو خداوند کي مٿن ڏاڍي ڪاوڙ آئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 25:3
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي غصي جي جوش جي ڪنهن کي خبر آهي، ۽ ڪنهن کي تنهنجيءَ ڪاوڙ جو پورو ڊپ آهي؟


۽ تون پاڻ، جيڪا ميراث مون توکي ڏني هئي، تنهن کان ڌار ٿيندين: ۽ جنهن زمين جو تون واقف ناهين، تنهن ۾ آءٌ توکان تنهنجي دشمنن جي خدمت چاڪري ڪرائيندس: ڇالاءِ جو اوهان منهنجي ڪاوڙ جي باهہ ٻاري آهي، جا هميشہ پئي ٻرندي.


آءٌ اوهان جي ڌيئن کي ڪسب ڪرڻ وقت سزا نہ ڏيندس، ۽ نہ اوهانجن نهن کي زناڪاري ڪندي؛ ڇالاءِ جو هو پاڻ ڪسبين سان گڏجي پاسي تي نڪري وڃن ٿا، ۽ ڪڃرين سان گڏ هو قرباني ٿا ڪن: ۽ جيڪا قوم نہ سمجهندي سا ناس ڪئي ويندي.


مون اسرائيل کي بيابان ۾ ڊاک وانگر لڌو؛ مون اوهانجن ابن ڏاڏن کي اهڙو ڏٺو جهڙو انجير جي وڻ جي پهرين موسم جو پهريون پڪل ڦر: پر هو بعل فغور وٽ ويا، ۽ انهي ڪراهت جهڙي شيءِ جي لاءِ هنن پاڻ کي ڌار ڪري رکيو، ۽ انهي وانگر ڪراهت جهڙا ٿيا جنهن کي پيار ڪندا هئا.


تڏهن موسيٰ اسرائيلين جي قاضين کي چيو، تہ اوهان جي ماڻهن مان جيڪي بعل فغور کي پوڄڻ لڳا آهن تن کي قتل ڪري ڇڏيو.


ڏسو، انهن ئي بلعام جي چوڻ تي، فغور واريءَ ڳالهہ ۾، خداوند جي برخلاف، بني اسرائيل کي گنهگار ڪيو، جنهن ڪري خداوند جي جماعت ۾ طاعون پيو.


فغور جو گناهہ، جنهن کان اسين اڄ تائين پاڪ نہ ٿيا آهيون، سو اسان جي لاءِ ڪو ٿورو آهي ڇا، جنهنڪري خداوند جي جماعت تي آفت اچي ڪڙڪي،


۽ بني اسرائيل اُهي ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ بعليم جي عبادت ڪرڻ لڳا:


۽ هو خدا کي ڇڏي، بعل ۽ عستارات جي عبادت ڪرڻ لڳا.


تنهن تي خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي ۽ هن انهن کي ڦرلٽ ڪرڻ وارن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن هنن کي ڦري لٽي ڇڏيو، ۽ انهن کي آس پاس وارن دشمنن وٽ وڪڻي ڇڏيائين، جنهنڪري هو وري پنهنجي دشمنن جي سامهون بيهي ڪين سگهيا.


تڏهن خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي؛ ۽ هن چيو تہ ڇو هن قوم جي ابن ڏاڏن، جنهن عهد اقرار جو مون حڪم ڏنو هو، سو ڀڳو آهي، ۽ منهنجو حڪم نہ مڃيو اٿن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ