Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 24:9 - Sindhi Bible

9 هو هڪڙي شينهن وانگي، ۽ هڪڙيءَ شينهڻ وانگي ڇپ ماري ويٺو، ۽ سمهي پيو؛ ڪير هن کي جاڳائيندو؟ جيڪو توکي برڪت ٿو ڏئي سو مبارڪ ٿيندو، ۽ جيڪو توتي لعنت ٿو ڪري سو لعنتي ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اوهين هڪ جوان شينهن وانگر آهيو، جيڪو جڏهن ستل آهي تہ ڪير ان کي جاڳائڻ جي جرئت ڪندو؟ جيڪو اوهان کي برڪت جي دعا ڪري ٿو، تنهن کي برڪت ملي ٿي. جيڪو اوهان تي لعنت ڪري ٿو، تنهن کي لعنت ملي ٿي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 24:9
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي توکي مبارڪ چوندا، تن کي آءٌ برڪت ڏيندس، ۽ جيڪي توکي پِٽيندا تن تي آءٌ لعنت ڪندس. تو کان زمين جي سڀني قبيلن کي برڪت ملندي.


شل اُمتون تنهنجي خدمت ڪن، ۽ قومون تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائين. شل تون پنهنجي ڀائرن جو سردار ٿين ۽ تنهنجيءَ ماءُ جا پٽ تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائين. جيڪو تو تي لعنت ڪري سو لعنتي ٿئي، ۽ جيڪو توکي برڪت ڏئي سو مبارڪ ٿئي.


يهوداہ شينهن جو ٻچو آهي؛ اي منهنجا پٽ، تون شڪار تان آيو آهين: هو شينهن وانگي ۽ شينهڻ وانگي ڇپ ماري ويٺو، ڪير هن کي اُٿاريندو؟


۽ اُتي ٻارهن شينهن ڇهن ڏاڪن جي مٿان هڪڙي پاسي ۽ ٻئي پاسي بيٺل هئا: انهيءَ جهڙو ڪنهن بہ بادشاهت ۾ ڪونہ جڙيو.


۽ اُنهيءَ تخت تي پير رکڻ جي سوني صندليءَ سميت ڇهہ ڏاڪا هئا، جي تخت سان ڳنڍيل هئا، ۽ ويهڻ جي جاءِ جي ٻنهي پاسن کان ٽيڪون هيون، ۽ ٽيڪن جي ڀرسان ٻہ شينهن بيٺل هئا.


۽ هامان پنهنجي زال زرش ۽ پنهنجن دوستن کي جيڪي بہ ٿي گذريو هو سو سڀ بيان ڪري ٻڌايو. تڏهن سندس ڏاهن ماڻهن ۽ سندس زال زرش کيس چيو، تہ مردڪئي، جنهن جي اڳيان تون ڪِرڻ لڳو آهين، سو جي يهودين جي نسل جو آهي تہ تون هن تي غالب نہ ايندين، پر ضرور هن جي اڳيان ڪِرندين.


اهڙو ڪوبہ جرئت وارو ڪونهي جو هن کي چوري سگهي: تڏهن ڪير آهي جو منهنجي اڳيان بيهي سگهندو؟


يروشلم جي سلامتيءَ لاءِ دعا گهرو، جيڪي توکي پيار ٿا ڪن سي سرفراز ٿيندا.


پٽ کي چُمو، متان هو غصي ٿئي، ۽ اوهين واٽ ۾ ئي نابود ٿي وڃو، ڇو تہ هن جي ڪاوڙ جلد ڀڙڪو کائيندي. مبارڪ آهن اهي سڀيئي، جن جو ڀروسو هن تي آهي.


پر جي تون سچ پچ انهي جو چيو مڃيندين، ۽ جيڪي آءٌ چوان ٿو سو سڀ بجا آڻيندين، تہ پوءِ آءٌ تنهنجن دشمنن جو دشمن، ۽ تنهنجن مخالفن جو مخالف ٿيندس.


ڇالاءِ جو خداوند مون کي هيئن فرمايو آهي، تہ جڏهن شينهن يا سندس ٻچو پنهنجي شڪار تي گوڙ ٿو ڪري، تڏهن جي ڌنارن جي ٽولي انهن سان وڙهڻ جي لاءِ سڏبي تہ انهن جي هل تي هو ڊڄي ڪونہ ويندو، نڪي انهن جي آواز تي دهلجي ويندو: تيئن لشڪرن جو خداوند صيون جبل تي انهيءَ جي ٽڪريءَ تي وڙهڻ لاءِ لهي ايندو.


۽ يعقوب جا باقي بچيل ملڪن ۽ گهڻين قومن جي وچ ۾ ائين هوندا، جيئن شينهن ٻيلي جي جانورن ۾، ۽ جوان شينهن رڍن جي ڌڻن ۾ ٿيندو آهي: جو جڏهن انهن مان لنگهي وڃي ٿو، تڏهن انهن کي لتاڙي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪريو ڇڏي، ۽ ڪوبہ انهن کي ڇڏائڻ وارو ڪونهي.


تڏهن خدا بلعام کي چيو، تہ تون هنن سان نہ وڃ؛ نڪي انهن ماڻهن کي لعنت ڪج: ڇالاءِ جو اهي برڪت وارا آهن.


هو مون کان گهڻو زور وارا آهن: تنهنڪري آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هاڻي اچي منهنجي خاطر انهن ماڻهن کي لعنت ڪر: تہ من آءٌ مٿن غالب پوان، ۽ کين ماري، هن ملڪ مان هڪالي ڪڍان: ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ جنهن کي تون برڪت ٿو ڏين سو برڪت وارو ٿو ٿئي، ۽ جنهن کي تون لعنت ٿو ڪرين سو لعنتي ٿو ٿئي.


ڏس، هيءَ قوم شينهڻ وانگر اُٿي ٿي، ۽ شينهن وانگي پاڻ کي کڙو ٿي ڪري: هوءَ تيسين ڪين سمهندي، جيسين شڪار مان ڪجهہ نہ کائي، ۽ مقتول جو رت نہ پيئي.


تڏهن بلق کي بلعام تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هو پنهنجا هٿ ملڻ لڳو: ۽ بلق بلعام کي چيو، تہ مون توکي انهي لاءِ سڏايو هو تہ منهنجن دشمنن تي لعنت ڪرين، پر تو هنن کي ٽي ڀيرا نسوري برڪت ڏني آهي.


۽ بادشاهہ ورندي ڏيئي چوندن تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جڏهن اوهان منهنجن هنن ڀائرن مان سڀ کان ننڍي سان ائين ڪيو، تہ مون سان ائين ڪيو.


تڏهن هو وراڻي ڏيئي چوندن، تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جڏهن اوهان هنن مان سڀ کان ننڍي سان ائين نہ ڪيو، تہ اوهان مون سان بہ ائين نہ ڪيو.


تڏهن هن چيو تہ اي خداوند، تون ڪير آهين؟ هن چيو تہ آئون يسوع آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو:


۽ خداوند تنهنجو خدا اهي سڀ لعنتون تنهنجن دشمنن تي وجهندو، جن توکان نفرت ڪئي، ۽ توکي تڪليف ڏني.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ